18 اتوار , نومبر 2018

نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز شريف لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. بيگم ڪلثوم نواز ڪيتري ئي عرصي کان لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ علاج هيٺ رهي پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو.  بيگم ڪلثوم نواز شريف جي ڦڦڙن جو مسئلو سنگين ٿيڻ کانپوءِ کيس هڪ دفعو ٻيهر وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو پر سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. نواز شريف جي پٽ حسن نواز پنهنجي امڙ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. حسن نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن امڙ بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي آهي. بيگم ڪلثوم نواز جو مڙس نواز شريف، نياڻي مريم نواز ۽ نياڻو ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر اڊيالا جيل ۾ قيد آهن. ڪيترائي ڀيرا درخواستن باوجود نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے