15 جمعرات , نومبر 2018

العزيزيه ريفرنس: نواز شريف جي وڪيلن جي 13 سيپٽمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيلن ڪارروائي خميس تائين ملتوي ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي نواز شريف کي اڊيالا جيل کان احتساب عدالت ۾ آندو ويو. آخري ٻڌڻي دوران نواز شريف جو وڪيل خواجه حارث هاءِ ڪورٽ ۾ مصروفيت سبب پيش نه ٿي سگهيو. خواجه حارث جي مددگار وڪيل شير افگن اسد عدالت کان درخواست ڪئي ته ڪارروائي خميس تائين ملتوي ڪئي وڃي. مددگار وڪيل شير افگن اسدي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف ۽ ٻين جي سزا معطلي جي درخواستن تي دليلن لاءِ اڄ ۽ سڀاڻي جو ڏينهن مخصوص ڪيو آهي ۽ دليلن جي تياري سبب خواجه حارث سڀاڻي هتي پيش نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي سزا معطل ڪرڻ ۽ بريت جي درخواستن تي روزاني جي بنياد جي ٻڌڻي ٿيندي آهي.  احتساب عدالت جي ججن رمارڪس ڏيندي چيو ته هتي به روزاني بنياد تي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ڇهن هفتن ۾ ريفرنس اڪلائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڏنل مدو ختم ٿيڻ ۾ چار هفتا باقي آهن، ان موقعي تي التوا نه ٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چيو ته اسان جو شاهد واجد ضياءَ اڄ به آڏي پڇا لاءِ موجود آهي. احتساب عدالت جي جج چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڊويزن بئنچ ڏينهن 12 وڳي ٻڌڻي ڪندي آهي ۽ خواجه حارث صبح ساڍي نائين وڳي پيش ٿي آڏي پڇا ڪري. جج ارشد ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ طرف هاءِ ڪورٽ جون هدايتون آهن ته ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جون، اهو  ته نه ٿو ٿي سگهي ته توهان جي مرضي جي  ٻڌڻي  آهي، رڳو روزاني جي بنياد تي هلي. عدالت نواز شريف جي وڪيلن پاران ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ فون X اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو، ايپل جو جاچ جو واعدو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽوئيٽر تي هڪ شخص پنهنجي اسمارٽ فون جي تصوير پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے