14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو آدم : سنڌي ادبي سنگت پاران ڀلوڙ شاعر نور چاڪراڻيءَ سان سُرهي سانجهه ملهائي وئي

Tando Adam: Sindhi Adabi Sangat celebrate evening with Poet Noor chaakrani*سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي آدم پاران سنڌ جي ڀلوڙ  شاعر نور چاڪراڻيءَ سان مقامي هال ۾ سُرهي سانجهه  ملهائي وئي.

 تقريب جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي ڪئي.

 سُرهي سانجهه جي تقريب ۾ سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن، اديبن، ليکڪن، صحافين سميت شهر جي معززين وڏي انگ  ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي جمن دربدر، حليم باغي، ارباب نيڪ محمد  احمد سولنگي ۽   ٻين چيو ته  شاعر نور چاڪراڻي سنڌ جو سپوت آهي .

هنن چيو ته نور  سنڌي هن ڌرتيءَ جو اهو سهڻو سپوت آهي جنهن جي محبت ۽ مٺاج جي ڪري اڄ ڀٽائي جي اوٽ ۾ هن شهر اندر سڄي سنڌ گڏ ٿي آهي.

پروگرام جي آخر ۾ موسيقي جي محفل ٿي جنھن ۾ رفيق فقير ۽ استاد شفاعت علي خان موسيقي جا رنگ پيش ڪري محفل جهومائي ڇڏي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے