13 منگل , نومبر 2018

نيوز: سکر : شھداد ڪوٽ جي رهواسي جو گهر ڀاتين سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج

Sukkur: Protest by shahdadkot residents along with family members in front of Press club *سکر ۾ شھداد ڪوٽ واسي دانهيو آهي ته علائقي جو بااثر سندن 10 ورهين جي نياڻي جي شادي ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي.

 محمد علي کوسو گھر ڀاتين سان پريس ڪلب سکر پھچي احتجاج ڪندي چيو آھي ته سندس نياڻي صفيه کي زميندار  منظور کوسو زبردستي شادي ڪرائڻ لاءِ حراسان ڪري رھيو آھي

 هن چيو ته  سڱ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس ڳوٺ مان لڏڻ لاءِ چئي رھيو آھي نه لڏڻ جي صورت ۾ کيس مارڻ جون ڌميڪيون ڏئي پيو.

ھنن چيو ته معصوم نياڻي جي عمر شادي جي نه آھي اھڙي انڪار تي زميندار منظور کوسو مڇرجي  کين  تشدد جو نشانو بڻايو آھي

ھنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو تھ بااثر زميندار منظور کوسو جي  ظلم کان بچائي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے