18 اتوار , نومبر 2018

ڀارتي رياست تلنگانا ۾ بس کاهيءَ ۾ ڪري پئي، 23 هندو ياتري فوت

 حيدرآباد دکن( ويب ڊيسڪ )  ڀارتي رياست تلنگانا ۾ بس کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن سبب 23 هندو ياتري فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق تلنگانا رياست جي ضلعي جگتيال جي جابلو علائقي ڪونٽاگاٽو ويجهو هندو ياترين سان ڀريل بس کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب 23 ياتري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڀارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين جو انگ 30 تائين پهچي سگهي ٿو جنهن جو سبب ڪيترن ئي ياترين جي حالت نازڪ آهي.رپورٽ مطابق 50 کان وڌيڪ ياترين ڀريل بس هندو ڀڳوان هنو مان جي مندر جي ياترا کانپوءِ واپس وڃي رهي هئي. پوليس جو چوڻ هو ته حادثو بريڪ نه لڳڻ جي ناڪامي سبب پيش آيو. تلنگانه جي وڏي وزير چندرا شيخر رائو ان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ فوتين جي خاندان وارن کي في گهر 5 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے