17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو: نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر کي پيرول تي آزادي ڏني ويندي

لاهور( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر کي بيگم ڪلثوم نواز جي تدفين لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو ويندو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب گهرو کاتي اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي بيگم ڪلثوم جي جنازي نماز کان تدفين تائين آزاد ڪيو ويندو. گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيرول تي ضمانت لاءِ درخواست ملڻ ضروري آهي. ڪينسر جي بيماري مبتلا اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز گذريل ڪيترن کي مهينن کان لنڊن جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي جيڪا اڄ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے