17 ہفتہ , نومبر 2018

انگلينڊ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 118 رنسن تان هارائي سيريز 1-4 تان کٽي ورتي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 118 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. لنڊن ۾ کيڏيل پنجين ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن ڀارتي ٽيم 464 رنسن جي ٽارگيٽ پويان ڊڪندي 345 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڀارت طرفان ٻي اننگز ۾ لوڪيش راهول 149 ۽ رشاڀ پنت 114 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيا. ڪپتان ورات ڪوهلي، چتيشور پوجارا، وهاري ۽ محمد شامي کاتو ئي نه کوليو. اجنڪيا رهاني 37، رويندرا جديجا 13، اشانت شرما 5 ۽ شيکر ڌون هڪ رنس ٺاهي. انگلينڊ طرفان جيمز اينڊرسن 3، سيم ڪيوران ۽ عادل رشيد 2-2. جڏهن ته اسٽيورٽ براڊ، معين علي ۽ بين اسٽوڪس هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 332 رنسون ۽ ٻي اننگز 423 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم پهرين اننگز ۾ 292 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي. ميچ جو بهترين رانديگر اليسٽر ڪُڪ کي قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے