18 اتوار , نومبر 2018

مانجهند ۾ٽرانسپورٽرن جو ڏاڍ، شاگردن کي کڻڻ کان انڪار، ڌرڻو

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) مانجهند ڀرسان ڳوٺ راڄڙي جي رهواسي هاءِ اسڪول مانجهند جي شاگردن جو گاڏين ۾نه کڻڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڪتابن جا ٿيلها رکي نٽهڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ٽرانسپورٽر خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، جنهن سبب سيوهڻ ڄامشورو روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، مانجهند پوليس پهچي شاگردن سان ڳالهيون ڪيون پر هنن روڊ کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي شاگردن ڪاشف کوسو، عادل جان کوسو، حق نواز ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روزانو صبح جو  اسڪول وڃڻ وقت اسڪولي ڊريس ڏسي گاڏين ۾ کڻڻ لاءِ تيار ناهن، اسٽاپ تي ٻين مسافرن لاءِ بيهندڙ گاڏين جو عملو کين گٿا لفظ ڳالهائي ڌڪا ڏئي لاهي ڇڏي ٿو، سندن وڏي عرصي کان تذليل ڪئي پئي وڃي جنهن سبب هو 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري اسڪول پهچن ٿا اهڙي شڪايت اسڪول انتظاميا کين به ڏني آهي پر ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي هنن مطالبو ڪيو ته سندن مطالبو تسليم ڪري کين ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏني ٻئي طرف مسافرن جي منٿن تي شاگردن روڊ کولي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے