15 جمعرات , نومبر 2018

جوهي جي واهن ۾ پاڻي اڻهوند، آبادگارن جو احتجاج جاري

ڪراچي (رپورٽر ) جوهي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج جاري آهي،  نوناري شاخ سميت جوهي جي واهن ۽ شاخن ۾ شديد پاڻي کوٽ جون دانهون ڪندي آبادگارن الزام هنيو آهي ته منڍ جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي. ان حوالي سان ڪالهه جوهي جي آبادگارن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته جوهي برانچ سيتا کان زيرو ميل ۽ زيرو ميل کان 34 ميل تائين پاڻي پهچائي ٿو. جڏهن ته باقي 12 ميل سُڪل آهن. جن تائين پاڻي نه پيو پهچايو وڃي. هنن چيو ته ڄاڻايل ميلن مان نڪرندڙ چنجاڻي شاخ، خان مائينر، نوناري شاخ سميت ڪيترائي واھ ۽ شاخون سُڪل آهن. هنن چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب اسان جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، دانهون ڪرڻ باوجود وس وارا معاملي جو نوٽيس نه پيا وٺن. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي کوٽ ختم ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج ختم نه ڪنداسين.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے