15 جمعرات , نومبر 2018

عام چونڊون 6 وڳي تائين فيئر ۽ پوءِ فري ٿي ويون: خورشيد شاهه

سکر)رپورٽ: اظهر علي دايو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ 3 ڊيم ٺاهيا ويا ته ملڪ ۾ ڪو بکيو نه رهندو ، چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ جمهوريت هجي اهڙو نظام نه مڃبو جيڪو سلطاني ۽ دٻڙ دونس وارو هجي. عمران خان يو ٽرن پاليسي حڪومت ۾ به اختيار ڪئي ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا. سکر پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائيندي چيو ته گذريل عام چونڊون 6 وڳي تائين فيئر هيون، ان کانپوءِ فري ۽ ڪجهھ ٻيون ٿي ويون. چونڊن دوران ڪجهھ اهڙيون ڳالهيون به ٿيون جن تي ملڪي مفاد سامهون رکي چپ رهياسين. هن چيو ته  پيپلزپارٽي چونڊن تي اعتراض هوندي به ملڪ ۾ پارلياماني نظام کي پختو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ وئي. پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر عمران خان کان چونڊن جي حوالي سان  فيصلو ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت کي ڪم ڪرڻ ڏبو ، رڪاوٽ نه بڻجنداسين، چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ جمهوريت هجي اهڙو نظام نه مڃبو هن چيو ته نوڪرين ڏيڻ لاءِ 5 سالن جي حڪومت ۽  وڏي انويسٽمينٽ گھرجي ۽ پاڪستان جي انويسٽمينٽ هڪ سو ارب ڊالر آهي. گھرن ٺاهڻ لاءِ 5 هزار ارب گھرجن 1600 ارب قرض لاهڻ لاءِ کپن ڊالر جي اگهھ وڌڻ سان 25 هزار ارب وارو قرض 29 هزار ارب ٿي ويو آهي. هن وقت ملڪ جي امپورٽ 20 ارب ڊالر ۽ ايڪسورٽ 58 ارب ڊالر آهي. آءِ ايم ايف کان قرض نه کڻڻ واري سوچ سٺي ۽ ساراھ جوڳي آهي، هن چيو ته ڊيمن جي نالي تي سياست ٿي رهي آهي ، ملڪي بجيٽ جو 20 سيڪڙو هڪ ڊيم تي خرچ آهي سڀ پراجيڪٽ روڪي ڊيم ٺاهيا وڃن، حڪومتي بينچن ۽ مخالف ڌر ۾ فرق رڳو 28 ووٽن جو آهي جيڪي اڌارا ورتل آهن. يوٽرن جي ڪري چين، ايران ۽ ملائيشيا جهڙا سدائين وارا دوست وڃايا ويا ته نتيجا خطرناڪ نڪرندا. پيپلز پارٽي مخالف ڌر جا 14 چيئرمين مقرر ڪيا، نواز ليگ به ان روايت کي جاري رکيو جيڪڏهن هاڻي اها روايت ٽٽي ته ڪم خراب ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے