15 جمعرات , نومبر 2018

کپري لڳ همراهه ڪارنهن تهمت مڙهي زال ۽ اڳ ڄائي ڌيءُ قتل ڪري ڇڏي

کپرو (رپورٽ : اسلم بوزدار) کپري ويجهو ڳوٺ صابر خيبر ۾ مڙس موسيٰ پنهنجي 45  سالن جي زال  مسمات نسرين ۽ 20 ورهين جي ڌي جميلان کي ڪارنهن جي تهمت مڙهي گهر اندر ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي کپرو پوليس ٻنهي عورتن جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ  تعلقه اسپتال کڻائي آئي کپرو پوليس موجب اسان کي اطلاع مليو ته جوابدار موسيٰ خيبر پنهنجي زال مسمات نسرين ۽ ڌي جميلان کي ڪهاڙين جا وار ڪاري قتل ڪيو آهي اسان ڪجهه شڪي ماڻهو پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتا آهن وڌيڪ ڪيس داخل ڪري جاچ ڪنداسين معلوم ٿيو آهي جوابدار موسيٰ خيبر 15 سال اڳ ڪراچي مان نسرين سان شادي ڪئي هئي جميلان نسرين جي اڳئين مڙس جو اولاد هئي.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے