18 اتوار , نومبر 2018

شهدادڪوٽ لڳ ڀوتار جي 10 ورهين جي نينگري کي اڌڙوٽ سان پرڻائڻ جي ڪوشش

سکر (رپورٽر) سکر ۾ شهداد ڪوٽ واسڻ نينگري گھر ڀاتين سان گڏ زوري پرڻي خلاف پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو. ڪالهه شهداد ڪوٽ جي ڳوٺ ڌنگ جي رهواسڻ 10 ورهين جي نينگري صفيه خاتون پنهنجي پيءُ عبدالڪريم کوسو، چاچي محمد علي کوسو ۽ امڙ سان گڏ زوري پرڻي ڪرائڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. جتي صفيه خاتون  ٻڌايو ته تر جو بااثر وڏيرو منظور خان کوسو سندس شادي زبردستي 40 ورهين جي ربنواز کوسي سان ڪرائي رهيو آهي جيڪو پرڻو کيس ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ، وڏيري منطور کوسي کي پيرين پئي منٿ ڪئي ته سندس زندگي تباھ نه ڪئي وڃي ان انڪار تي مڇرجي هو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. نينگري صفيه جي پيءُ عبدالڪريم ۽ چاچي محمد علي کوسي ٻڌايو ته وڏيرو منطور کوسو،  غلام مصطفيٰ کوسو، محرم علي ۽ ربنواز کوسو کين حراسان ڪري رهيا آهن ۽ مٿن لڳاتار دٻاءُ وجھي نياڻي جي زندگي تباھ ڪرائڻ چاهين ٿا، سندس موتمار ڌمڪين جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.6

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے