20 منگل , نومبر 2018

ڊي سي قمبر حمل ڍنڍ ۽ ضلعي جي تاريخي ماڳن کان اڻ ڄاڻ، آفيسر خدا جو خوف ڪريو: چيف جسٽس سنڌ

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آئل اينڊ گئس جي خانگي ۽ سرڪاري ڪمپنين پاران سنڌ جي مختلف ضلعن کي ترقياتي فنڊ ڏيڻ جي حوالي سان داخل درخواست جي ٻڌڻي جي دوران  سنڌ جي 18 ڊسٽرڪٽ جا ڊپٽي ڪمشنرن پيش ٿيا. جنهن جي علائقي مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو. چيف جسٽس احمد علي شيخ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو اوهان ڪٿان جا ڊي سي آهيون. سائين مان قمبر جو ڊي سي آهيان ڊي سي قمبر جو چيف جسٽس جواب ڏنو. چيف جسٽس چيو ته اوهان جي علائقي ۾ ڪتيريون گئس ۽ تيل جون ڪمپنيون آهين. ڊي سي قمبر پنهنجي جواب ۾ چيو سائين 2 ڪمپينون آهن. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. ڊي سي خاموش رهيو. چيف جسٽس چيو ته اوهان ٻڌايو ته ڀلا ڪتي جي قبر ڏٺي آهي. ڊي سي جواب ڏنو سائين نه. چيف جسٽس چيو ته حمل ڍنڍ ڏٺل آهي. ڊي سي  جواب ڏنو سائين نه. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پوءِ ڊي سي ڪيئن ٿيا آهيو اوهان. توهان کي ڪاڇي جي خبر نه آهي. ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٿي هلو ٿا اوهان. ڪجهه خدا جو خوف ڪريو ماڻهن جو احساس نه آهي. چيف جسٽس چيو ته ڊي سي گهوٽڪي اڳتي اچي ۽ ٻڌائي گهوٽڪي جي سالياني بجيٽ ڪيتري آهي. ڊي سي گهوٽڪي چيو ته سائين 50 ملين آهي، پوءِ ڇو ڀلا گهوٽڪي ۾ ڪتا ۽ گڏهه ٿا ڊوڙن، اوهان کي خبر آهي ته گهوٽڪي روينيو جي حساب سان ڪراچي کان پوءِ وڏو زون آهي. چيف جسٽس پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته مونکي سڀ ڊي سي قسم نامو لکت ۾ ڏيو ته 5 سالن ۾ ڪيترا ترقياتي ڪم ٿيا آهن اگر قسم نامي ۾ ڪوڙ ڳالهايو ته هن ڊي سي جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

اينٽي ڪرپشن ڪم نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس نئب کي موڪليون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪم نٿو ٿئي ته اينٽي ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے