15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان جي نائن اليون بلديا سانحي کي 6 سال، ذميوارن بابت اکيون بند

ڪراچي (رپورٽر ) بلديا سانحي کي 6 سال مڪمل، وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو، ذميوارن بابت اکيون بند پيل آهن، سول سوسائٽي پاران سانحي جي متاثرن لاءِ اعلانن تي عمل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جي گھُر ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته بلديا ٽائون سانحي جيتري حڪومتي لاپرواهي جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي. ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سول سوسائٽي ۽ سياسي ڌرين پاران مزدور اڳواڻ حبيب الله جنيدي، پائلر اڳواڻ ڪرامت علي، نيشنل ٽريڊ يونين اڳواڻ ناصرمنصور، سيڪريٽري ليبر يونين عابد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف سانحي جي جوابدارن کي سزا نه ملي ٻئي طرف حڪومت پاران ڪيل واعدا به پورا نه ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ سانحي کي 6 سال گذري ويا آهن پر ان ڊگھي مُدي ۾ حڪومتي لاپرواهي کان سواءِ ڪجهه به ناهي مليو. هنن چيو ته دنيا ۾ سانحا ٿين ٿا پر ان بعد ايتري لاپرواهي ڪٿي به نه هوندي جيتري هتي سانحي کان پوءِ ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے