16 جمعہ , نومبر 2018

پاڻي ناهي، ڊيم هوا سان نه ڀربا، 18 هين ترميم کي واپس ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪنداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم  کي جيڪڏهن بيڪ ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي نه ڇڏڻ انڊس ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ برابر آهي. ڊيمن مخالف نه آهيون پر جڏهن پاڻي نه آهي ته اهي هوا سان ته نٿا ڀري سگهجن. هن اها ڳالهه ڪالهه قائد اعظم جي مزار تي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ حاضري ڀرڻ جي موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ڀاشا ڊيم بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هُو ڀاشا ڊيم جي تعمير جي خلاف نه آهي پر ان جي هنڌ ۽ سسٽم ۾ پاڻيءَ جي موجودگي  جي حوالي سان ڪجهه خدشا آهن. هن چيو ته اهي زلزلي واري علائقي ۾ واقع آهي ۽ سسٽم ۾ ايترو پاڻي موجود نه آهي ته ڊيم کي ڀري سگهجي. گذريل سال ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم اي ايف بدران رڳو 7.5 ملين ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو ويو. جڏهن ته اصل حقيقت اها آهي ته (ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي) 25 ايم اي ايف پاڻي جي ضرورت آهي ٻي صورت ۾ سمنڊ ويجهن ڳوٺن کي ختم ڪري ڇڏيندو. گذريل ڏهن سالن ۾ اٽڪل ڇهه سال ته اهڙا هئا جنهن ۾ 10 ملين ايڪڙ کان گهٽ پاڻي ڇڏيو ويو. ٻن يا ٽن سالن ۾ رڳو 2 ملين ايڪڙ پاڻي ڇڏيو ويو ۽ ٻي سال 4 ملين ايڪڙ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ان دوران اسان ڊيم کي ڪيئن ڀريون ها؟. ڊيم بس هوا سان ڀري سگهجي پيو. هن وڌيڪ چيو ته سمنڊ ۾ پاڻي ڇڏڻ جو اسان وٽ 1922ع کان رڪارڊ موجود آهي تربيلا ڊيم بڻجڻ کان پهرين 70 ملين پاڻي ايورج سان ويندو هو. تڏهن اسان جو ڊيلٽا سرسبز ۽ ماڻهو آباد هئا. اسان جو موقف بلڪل صاف آهي ته ڪنهن کي ماري اوهان ڊيم جا منصوبا نه ٿا جوڙي سگهو. هن چيو ته سنڌ ۾ 34 ننڍا ڊيم بڻجي چڪا آهن ۽ وڌيڪ 16 ڊيمن تي ڪم جاري آهي. وڏن آبي منصوبن لاءِ سمورن شراڪتدارن ۽ ماحول کي ڏٺو وڃي. وڏي وزير چيو ته چونڊ ڪرائڻ جو جيڪو هدف نگران حڪومت کي ڏنو ويو هو تنهن  دوران اسٽريٽ ڪرائم وڌيو. اهڙن آفيسرن کي اهڙي هنڌ مقرر ڪيو ويو جتي اهي ڪڏهن ويا ئي نه هئا. ڏوهن کي گهٽائڻ بدران پوسٽنگ تي وڌيڪ زور ڀريو ويو. پوليس آفيسرن جو بدليون ڪيون ويون جنهن لاءِ هڪ نظام هوندو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بلديا ٽائون فيڪٽريءَ ۾ انسانيت سان وڏو ظلم ٿيو. ان سانحي تي جي آءِ ٽيز بڻي، مصلحت کان پري تي ڏوهارين کي سزا ڏني وڃي. حڪومت متاثر خاندانن جي مدد ڪئي آهي. اليڪشن ۾ ڌاندلين جون وڏيون نشانيون موجود آهن. اسان سيف سٽي پروجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهيون، پڪو پهه ڪريون ٿا ته گڏجي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪنداسين. انهيءَ کان پهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل بابا قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 70هين ورسي جي موقعي تي ڪابينا ميمبرن سان گڏجي مزار قائد تي حاضري ڀري، گُلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪئي. هوڏانهن ڪالهه آمريڪا جي قونصل جنرل مس جوايني ويگنر يو ايس ايڊ جي هڪ وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪئي. وڏي وزير چيو ته پاڻي سڄي سنڌجو هڪ وڏو مسئلو آهي هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ ڊيسيلينيشن پلانٽ کي لڳائڻ ۽ ڪي-فور بلڪ واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ پاڻيءَ جي فراهمي واري منصوبو تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته پاڻيءَ جي فراهميءَ جي اسڪيمن ۽ آر او پلانٽس جي ذريعي سڄي صوبي ۾ پاڻيءَ جي مسئلي کي حل ڪري رهيا آهيون. شهر ۾ سولڊ ويسٽ جي ڊسپوزل بابت ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه چين جي ڪمپنين کي ڪچرو کڻڻ جو ڪم ۽ صفائيءَ لاءِ شامل ڪيو ويو هو. هن چيو ته سندس حڪومت ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ جو پلانٽ لڳائڻ جو منصوبو بڻايو آهي. 0629

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ چوڌاري آپريشن، ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي تاريخي عمارت ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي دڪانن ڊاهڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے