16 جمعہ , نومبر 2018

لطف پيرزادي جو ”وڇوڙو“ نه پر ”وصل“ ٿيو آهي

 زرار  پيرزادو

  • لطف پيرزادو حقيقي معنيٰ ۾ اهو صوفي فقير هو، جنهن لاءِ واقعي به اهو لکڻ مناسب ٿيندو ته هن جو ”وڇوڙو“ نه پر ”وصل“ ٿيو آهي.
  • هن جا پيارا جيترا هن دنيا ۾ آهن ان کان چئوڻ تي ان ”روحاني دنيا“ ۾ رهندڙ آهن جيڏانهن لطف جو روح (9 سيپٽمبر ڏينهن آچر 2018 تي) پرواز ڪري چڪو آهي.
  • ان روحاني دنيا ۾ لطف پنهنجي ان خوابن جهڙي امڙ جو ديدار ڪيو آهي جنهن کي ڏسڻ جي سڄي ڄمار هن حسرت پئي ڪئي هئي. سندس والده کيس ڄڻي ڪجهه ڏينهن اندر ئي گذاري وئي هئي. سندس امڙ ته پنهنجي ٻچڙي کي ڏٺو پر لطف پنهنجي ماءُ کي نه ڏسي سگهيو هو.
  • جيئن لطف سانڀر وارو ٿيو ته هو وڏن کان ٻڌندو هو ته سندس ماءُ بيحد حسين هئي، پوءِ هو جيڪي به حسين عورتون ڏسندو هو ته انهن ۾ کيس پنهنجي امڙ جو چهرو نظر ايندو هو، هُو سنڌي ٽي وي آرٽسٽ غزالا رفيق جي چهري ۾ به پنهنجي ماءُ جو چهرو پسندو هو.کيس پنهنجي امڙ کي ڏسندي ۽ ملندي ته في الحال هيءَ دنيا ئي وسري وئي هوندي جيڪا سندس لاڏاڻي پڄاڻان سراپا ماتم آهي.
  • لطف پيرزادو پنهنجي وڏڙن جهڙوڪ حاجي لعل بخش شيخ، پنهنجي نانا ملان جمن، ناني امان وڏي، بابي بالي، غلام حسين، فقير يارمحمد، ادي زبيده، پنهنجي والد در محمد ۽ عالم خاتون سان ملندي ڪيڏو نه باغ بهار ٿيو هوندو جن جي وڇوڙي جو ڦٽ سندس اندر کي سڄي ڄمار ڪُرائيندو رهيو.
  • ۽ وڏي ڳالهه ته لطف پنهنجي آئيڊيل ڀٽائي، شاهه عنايت، سوڀي گيانچنداڻي، انور پيرزادي، ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ پنهنجي شهيد پٽ سرويچ سان ملي پاڻ کي ڪيڏو نه عظيم ۽ سرخرو محسوس ڪندو هوندو.
  • اهو لطف جنهن جي زندگي ڀٽائي صاحب جي هن شعر مثل هئي ته ”سرجيس تان سور، سامائيس ته سک ويا“ تنهن موت کان پوءِ جنهن روحاني دنيا ۾ پير رکيو آهي سا ڄڻ ته سندس حقيقي ”منزل“ آهي.. هن دنيا ۾ ته هن هر ساهه عيوض رڳو اهنج، سور ۽ صدما سَٺِا.
  • جيڏي هن جي زندگي تڪليفن واري هئي سندس موت وري اهڙو ئي ”سهنجو“ ٿيو، هن صرف ڪجهه منٽن واري تڪليف سهي پنهنجي گهر اندر ڌيءُ جي هنج ۾ دم ڏنو. ڄڻ هُو حضرت عزرائيل سان حياتي کسڻ واري موقعي جو فائدو وٺندي بنا وقت ضايع ڪندي ”مرڻ مون سين آءُ ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان“ جي مصداق ڊڪندو ڊوڙندو هليو ويو.
  • لطف، سنڌ جي انهن ماڻهن مان هڪ هو جن جي املهه حياتيءَ مان مجموعي طور تي اسان گهڻي کان گهڻو فائدو نه ورتو. ڇا ان المئي تي اسين رڳو ماتم ئي ڪندا رهنداسين.
  • هي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي تاريخ هو پر افسوس ته اسان ان کان ئي ڪو ڪتاب لکرائي نه سگهياسين.
  • لطف ڀٽائيءَ جي موضوع تي اٿارٽي هو، ڀٽائي بابت هر سوال جو وٽس ”جواب“ هو، جيڪو هو ڀٽائي جي شعرن ۾ ڏيندو هو.
  • کانئس نوجوان شاعر امر پيرزادي هڪ ڀيري پڇيو ته اوهان جي نظر ۾ ڀٽائي صاحب جو ”او ڪو ٻيو فهم“ ڪهڙو هو ته هن کيس ڀٽائي صاحب جو هي شعر ٻڌايو ته ”اتهين ڪي آهي، هي جي جهونا پسين جهوپڙا، ڪر خدمت خلق جي، پانڌ ڳچيءَ ۾ پائي“ يعني او ڪيو ٻيو فهم ”انسانيت جي خدمت ۾ آهي“.
  • لطف صوفي هو ۽ هو ڪميونسٽ به هو، لطف وٽ صوفي ازم جو تصور ”مزاحمت“ وارو ۽ ”تحريڪي“ هو. دنيا ترڪ ڪرڻ ۽ لاتعلقي وارو نه پر زمين ۽ ماڻهن سان جڙڻ وارو هو.
  • هو ضياءَ جي ڪاري آمريت واري دور جي انهن پهرين سياسي ڪارڪنن مان هو جن آمريت خلاف ڦٽڪا کاڌا پر انهيءَ الميي تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو ته جنهن ”جمهوريت“ لاءِ هن ڦٽڪا سَٺا تنهن کيس سندس پٽ جو چچريل لاش ڏنو.
  • لطف، ”لٽل ماسڪو“ واري ماڊل جي بانيڪارن مان هڪ هو. ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي جو روح روان هو، مهين جي دڙي جو مجاور ۽ بيباڪ صحافي هو.
  • لطف کي بهترين خراج اهو ئي آهي ته سندس ”آدرشن“ تي هلجي ۽ انهن کي هڪ هڪ ڪري ساڀيان ڪيو وڃي.
  • لطف ته پنهنجي لاڏاڻي تي خوش آهي پر پوئتي هو جيڪي پنهنجا سوڳوار ڇڏي ويو آهي تن مان جن سان مان تعزيت ڪرڻ چاهيان ٿو انهن ۾ سندس دوستن جهڙي جيون ساٿياڻي، سندس ڌيئرون جن کي هن پٽن وانگر پاليو، پٽ جن سان هو ڀائرن وانگر هليو. سندس فڪري ۽ نظرياتي دوستن جي ڏک ۾ به شامل آهيون.
  • پر پهرين تعزيت مان سخي شاهه جمال، ملوڪ شاهه، ڀرپور جو مڪان، ڀٽائي جي فقيرن ۽ سندس آخري ساٿي اقرار پيرزادي سان ڪرڻ چاهيندس جيڪو لطف کان پوءِ هاڻي واقعي به اڪيلو ٿي ويو آهي.
  • عام طور تي سخي شاهه جمال جي قبرستان ۾ تدفين لاءِ ايندڙ مڙهن کي جنازي نماز کان پوءِ ترت ئي قبر ۾ لاهيو ويندو آهي. لطف جي مڙهه کي جنازي نماز کان پوءِ به وڏو وقت سخي شاهه جمال جي مئخاني وٽ رکيو ويو… ايئن ئي هن جي مڙهه کي گهر ۾ريڪارڊ وقت يعني صبح، منجهند، شام ۽ رات تائين رکيو ويو.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سندس مڙهه شايد ان ڪري دير تائين رکيو ويو ته جيئن ساڻس محبت ڪندڙن کي هر هر سندس آخري ديدار ڪرائجي ته جيئن هو ڏسن ۽ دلجاءِ ڪن ته هيءَ دنيا ڇڏيندي هو ڪيڏو نه سڪون ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير فعال بڻجندڙ حڪومتون ۽ پارليامينٽ !

شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاءِ ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے