21 بدھ , نومبر 2018

آمريڪي ايجنڊا ۽ پنهنجي پاليسي

يوسف سيف

پاڪستان ۾ آيل نئين حڪومت اڃا پنهنجي پاليسين جوڙڻ واري مرحلي ۾ آهي، نئين سرڪار پاڙيسري ملڪن سان ڪهڙي نوعيت جا رابطا رکڻ چاهيندي، علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون رٿون رٿيندي، عالمي صورتحال ۾ ڪهڙو پاسو وٺندي. اهو سڀ ڪجهه واضح ٿيڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳندو ۽ انهن ئي بنيادن تي مستقبل جا نتيجا حاصل ٿيندا.

نئين پاڪستان يا تبديلي جي نعري سان اقتدار  تائين پهچندڙ پي ٽي آءِ (پاڪستان تحريڪ انصاف) جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پهريون اهم معاملو آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪل پومپيو جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جو دورو آهي. هو 5 سيپٽمبر تي 5 ڪلاڪن لاءِ پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقات ڪري، اهم اشوز تي ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ هندستان هليو ويو، جتي هن دفاعي ٺاهه ڪيا آهن.

پاڪستان ۽ هندستان ڏکڻ ايشيا جا ٻه اهم ملڪ آهن، جن سان عالمي سطح جي بااثر ملڪن جي لاڳاپن جي نوعيت سان خطي ۾ صورتحال جي توازن جو اندازو ٿئي ٿو. ٻئي ملڪ جاگرافيائي جوڙجڪ جي لحاظ سان انتهائي اهم هنڌن تي واقع آهن، جن کي نظرانداز ڪرڻ ڏکيو آهي، ٻنهي رياستن وٽ ائٽمي هٿياربه آهن، ٻئي زماني کان هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۾ رهندڙ به آهن، نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا جي هنن ٻنهي وڏن ملڪن جي دفاعي بجيٽ غير معمولي حد تائين وڌيڪ هوندي آهي جنهن جو ٻنهي رياستن ۾ رهندڙ عام ماڻهو جي زندگيءَ تي گهرو اثر پوي ٿو.

آمريڪي وفد جي پاڪستان جي دوري جي حاصل نتيجن جي اندازن تي ميڊيا ۾ وٺ وٺان لڳي پئي آهي، نئين حڪومت پنهنجون ڪاميابيون ڳڻائي رهي آهي ۽ آمريڪي ميڊيا اهو ظاهر ڪري رهي آهي ته کين نئين حڪومت کي جيڪو پيغام ڏيڻو هو سو ڏئي ڇڏيو. هاڻي سندن مرضي.

پاڪستان جي هاڻوڪي دوري دوران آمريڪي وفد رسمي ڳالهين ۾ نئين قيادت کي مبارڪون ڏنيون، چونڊيل سرڪار ۽ عسڪري حلقي جي گڏيل موقف ۽ راءِ تي بظاهر خوشي جو اظهار ڪيو ۽ نئين سرڪار مان نين اميدن ۽ توقعات جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪا جو پرڏيهي وزير مائيڪ رچرڊ پومپيو هن کان اڳ سي آءِ اي جو سربراهه رهيو آهي. سندس ڪيريئر ۾ هن جي فوجي سروس اهميت رکي ٿي. هو نه رڳو خطي جي صورتحال کان آگاهه آهي پر ان جي نزاڪت جو به اندازو رکي ٿو. دنيا جي اڪيلي سپر پاور جي پرڏيهي وزارت جهڙي اهم عهدي تي فائز مائيڪل پومپيو جو پاڪستان جو هي دورو آمريڪي پاليسي ۽ ايجنڊا جي لحاظ سان تمام گهڻو اهميت وارو آهي.

آمريڪا جي اسان جي خطي ۾ دلچسپي افغانستان جي بحران سان گهڻي جڙيل آهي، ڪجهه وقت کان افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ بگڙجنديون پيون وڃن، جنهن ڪري 16-17 سالن کان هلندڙ ويڙهه باوجود دنيا جو واحد سپر پاور جديد هٿيارن پنهوارن سان به ڇڙوڇڙ ۽ بي ترتيب ويڙهاڪ طالبان کان جنگ کٽي نه پيو سگهي. نائن اليون کانپوءِ طالبان سرڪار ڊاهي اقتدار تي قبضو ڪندڙ آمريڪا اتي ڊمي حڪومتون ته قائم ڪندو آيو آهي پر اهي حڪومتون قبيلائي معاشري ۾ وڪوڙيل، انتها پسند سوچ رکندڙ ماڻهن کي ضابطي ۾ آڻي، معاملن کي بهتري طرف وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون آهن.

ان دوران ئي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ڪردار کي پاسيرو ڪندي آمريڪا هڪ خاص ڌر کي وڌيڪ اهميت ڏئي معاملي کي سڌارڻ بجاءِ بگاڙي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ئي افغانستان جي مسئلي تي هڪ پاسي اشرف غني جي سرڪار، هندستان ۽ آمريڪا آهن ته وري ٻئي پاسي روس، چين، ايران، پاڪستان ۽ طالبان آهن. افغانستان ۾ آمريڪا هندستان تي وڌيڪ ڀاڙي رهيو آهي، ان جي ابتڙ روس، پاڪستان، ايران، ازبڪستان ۽ چين افغانستان جا پاڙيسري ملڪ آهن. پاڻ ۾ ويجها ٿي ويا آهن. اهڙي واضح صف بندي جي نتيجي ۾ حالتون وڌيڪ تڪرار ۽ تلخي ڏانهن وڃي رهيون آهن.

هاڻوڪي پاڪستان جي دوري ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير سڌي ريت چيو آهي ته، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي. ان ئي پس منظر ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پهريون دورو افغانستان جو ڪندو. پاڪستان پاران افغانستان ۾ عملي طور تي کنيل قدمن جي حاصل نتيجن جي بنياد تي پاڪ-آمريڪا جي لاڳاپن جي پرک ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ جو ويجهي ماضي ۾ ڀروسو ٽٽي ويو هو، ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به هن ڀيري واضح طور تي ڳالهه پيش ڪئي، جنهن ۾سندس چوڻ هو ته هڪ ٻئي جي موقف کي غورسان ٻڌڻ ۽ ان کي سمجهڻ، ان جي جائزي وٺڻ ۽ احتياط سان اڳتي وڌڻ سان ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان جو اهو خيال به درست آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ”واسطو ٽوڙڻ“ وارو معاملو وري جوڙيو ويو آهي اها نئين نئين شروعات آهي، اڳتي هڪ ٻئي جي قول ۽ فعل تي عمل سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

گلوبل وليج ۾ ملڪن جا سفارتي لاڳاپا هر لحاظ سان اهميت اختيار ڪري ويا آهن، جنهن ۾ هڪ ٻئي سان رسمي تعلق هوندي هڪ ٻئي جي ارادن، نيتن ۽ عملي قدمن لاءِ سهپ، ڊگهي نظر، پنهنجي حقيقي وجود، روش لاءِ تڪي توري قدم کڻبا آهن. ”سفارتڪاري جو مضمون دنيا ۾ اهم آهي جنهن سان دشمني جهڙي دوستي ۽ دوستي جهڙي دشمني رکي ويندي آهي“. ڪمال ڪاريگري سان پنهنجي پاليسي، ڳالهه کي وزن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي راءِ کي پنهنجي حق ۾ بيهارڻ، انگن اکرن جي ترتيب جوڙڻ، لهجي جو انداز، ڳالهه کي پيش ڪرڻ ان کي قبول ڪرائڻ واري مهارت ۽ فن، سفارت ڪاري جا اهم پاسا آهن. بدقسمتي سان ان اهم پاسي تي ڌيان نه ڏيڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا پاڪستان پنهنجو ڪيس کٽڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي جنهن ڪري هر اڳئين ڌر اسان کان هميشه اڳڀري رهي آهي، پنهنجي ڳالهه، پنهنجي ڪيس کي اهڙي طريقي سان پيش ڪيو آهي جو اسان ان کي منهن نه ڏئي سگهيا آهيون. تبديلي جي نالي ۾ آيل هاڻوڪي سرڪار کي ان طرف پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو، نه ته کٽيل ڪيس اسين هارائيندا رهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے