18 اتوار , نومبر 2018

سنڌوءَ تي ڊيم نا منظور

عبدالمجيد بروهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت هن وقت پوري طرح سان سنڌ دشمن فيصلن تي عمل پيرا آهي  پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت پاران سنڌ جيڪا زرعي زمينن سان ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي اهو صوبو جيڪو پوري وفاق کي هن وقت معاشي طور تي هلائي رهيو آهي ان صوبي سنڌ سان هن وقت نا انصافي ڪئي پئي وڃي وفاق پاران اهي اعلان ڪيا پيا وڃن ته  ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ ۾ وفاق جو حصو اڃا پڌي وڌائي صوبن کي گھٽ  فنڊ ڏنا ويدا ان مان اهو اندازو لڳائڻ غلط نه آهي ته وفاق  پنهنجا فنڊ وڌائي  پوءِ اهي فنڊ وڏي ڀاءُ هجڻ جي ناتي پنجاب ۾ خرچ ڪرڻ جي چڪرن ۾ آهي پر هتي اهو اشو نٿا کڻون. هلون ٿا اصل اشو ته  صوبي سنڌ جو ڪاروباري معاشي  گذر سفر جو دارو مدار  زراعت آهي جنهن لاءِ  سنڌ صوبي کي زرعي صوبو سڏيو ويندو آهي پر شايد ايندڙ ڪجهھ سالن ۾ اهو  اسان وٽ زراعت جو ڪو نالو نشان به نه هوندو  ڇو ته ڪجهھ خاص ايجنڊا تي پي ٽي آءِ حڪومت  هلي رهي آهي  اڳ ۾ اهي اعلان ڪيا ويا هيا پي ٽي آءِ پاران ته اسين هر ان ڊيم جي مخالفت ڪنداسين جن تي صوبن کي اعتراض هوندو ڪوبه ڊيم ٺاهڻ کان اڳ ۾  سمورن  صوبن جي رضامندي لازمي آهي پر اڄ جڏنهن پي ٽي آءِ جي چيئرمين پاران اهو اعلان ڪيو ويو ته اسين ڊيم ٺاهينداسين ۽ ان جي لاءِ هن بيرون ملڪ ۽ ملڪ ۾ رهندڙن کان ڊيم فنڊ  ڏيڻ جي اپيل ڪري سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آهي  آخر هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي  ان ڳالهه تي  سڀ ڇو بضد آهي پي ٽي اء وارا اهو عوام کي ٻڌائي سگھن ٿا ته هنن ڊيم ٺاهڻ جي اعلان کان اڳ ۾ ڪڏنهن ۽ ڪهڙي صوبي جي عوام کي  راضي ڪيو آهي ڪنهن وٽ وڃي هنن  ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ  صوبن جي عوام کي راضي ڪيو آهي  سنڌ جي عوام جو گذر سفر سنڌوءَ جي پاڻي تي آهي سنڌو جي پاڻي تي سنڌ جو پنهنجا فصل آباد ڪري پنهنجي  ٻچڙن جو پيٽ  پالي  رهيا آهن  سندن سٺي سال جو گذر سفر ان ئي زراعت تي آهي  ۽ زرعي زمينون جيڪي سنڌ ۾ آباد ٿي رهيون آهن انهن زمينن جي آباد ٿيڻ جو دارومدار سنڌوءَ جي پاڻي تي آهي  پر هاڻي لڳي ائين پيو ته سنڌو جو پاڻي پڻ روڪڻ جو پلان وفاقي حڪومت جوڙي  ورتو آهي   بنا ڪنهن صلاح بنا ڪنهن مشاورت ۽ ڪنهن به صوبي جي عوام کي راضي ڪرڻ  کان بغير پاڪستان جو وزير اعظم صاحب  اچانڪ ٽي وي تي اچي اهو اعلان ڪري ٿو ته ملڪ ۾ ڊيم ٺاهيا ويندا ۽ اهي ڊيم سنڌو دريا تي ٺاهيا ويندا ان جي لاءِ تمام پاڪستانين جي ٻاهر رهن ٿا.  ملڪ جي ڊيمن لاءِ فنڊ طور هڪ هڪ هزار ڊالر فنڊ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائين  ٻين صوبن جي عوام جي ڳالهه مان نه ڪندس پر مان صوبي سنڌ جي عوام جي ڳالهه ضرور ڪندس مان هن وقت چاليهه سالن جو آهيان مان جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ان وقت کان اڄ تائي سنڌ جي هر ننڍي وڏي پوڙهي کي ڪالاباغ ڊيم ڀاشا ڊيم ۽ ٿل ڪئنال خلاف آواز اٿاريندي انهن ڊيمن جو مخالف ڊٺو آهي اڄ به سنڌ جو هر ماڻهو سنڌو تي ڊيم ٺاهڻ جو مخالف آهي  پر  خان صاحب ڊيم ٺاهڻ تي بضد آهي آخر خان صاحب کي سنڌ 7 سنڌين سان ايتري نفرت ڇو آهي  سنڌ جي ماڻهن به نا جي پارٽي  کي ووٽ ڪيو آهي سنڌ مان به هن ڪيتريون ئي سيٽون کٽيون آهن پر پوءِ هي سنڌ جي مفادن سان ڇو پيو کيڏي

خان صاحب اهو ڇو نه ٿو سوچي ته سنڌو دريا تي هڪ طرف هندستان ٻن کان ٽي ڊيم ڍاهڻ جي لاءِ  بضد آهي  ۽ ان ئي سنڌو درياهه تي جيڪڏهن هتي  وفاقي حڪومت ڊيم ٺاهڻ جي چڪرن ۾ آهي ۽ ان ڊيم جي لاءِ چندو پڻ گڏ ڪرڻ ۾ لڳل آهي  سنڌ ۾ رهندڙ تمام  سياسي اڳواڻن  تمام سياسي پارٽين تمام قومپرست اڳواڻن ۽ پارٽين کي سمورا اختلاف ختم ڪري سنڌو تي ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪرڻ گھرجي  پر هن دفعي خبر ناهي سڀ جا سڀ خاموش آهن هڪ طرف وفاقي حڪومت سرعام اعلان ڪري سنڌو تي ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ چندي ۾ لڳل آهي پر سنڌ ۾ انهن ڊيمن جي ٺاهڻ جي خلاف هن وقت تائين ڪٿان به ڪو آواز  اٿڻ ۾ ٻڌڻ ۾ نٿو اچي سوشل ميڊيا تي به سڀ جا سڀ خاموش آهن  اسان سڀني کي پنهنجي حقن جي لاءِ بنا سياسي اختلافن جي هڪ ٿي آواز اٿارڻو پوندو  ٻئي صورت ۾ ڀاشا ڊيم اينٽي ٿل ڪئنال کان پوءِ وفاقي حڪومت  ڪالاباغ ڊيم به ٺاهي  سنڌو  کي سڪائي ڇڏيندي

سنڌ ۾ پاڻي جو ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي عوام کي ھروڀرو تنگ ڪري ارسا وارا سنڌ دشمن منصوبي ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ راهه ھوار ڪري سنڌ جي عوام کي ايذاءُ تڪليفون ڏئي ڪري اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوششن ۾ آھن تـ پاڪستان ۾ برساتن جي پاڻي کي ھڪ جڳھ تي گڏ نٿو ڪيوـوڃي جنھن سبب برساتن جو پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو جنھن سبب ھن وقت پاڻي جا ذخيرا نـ ھجڻ ڪري پاڻي جي کوٽ آھي جيڪڏهن برسات جو پاڻي ذخيرو ٿيل ھجي ھا تـ ھن وقت ملڪ ۾ ڪافي مقدار ۾ پاڻي ھجي ھا ارسا پاران جيڪو ڊرامو تيار ڪيو ويو آھي ان ڊرامي کي سنڌ واسي چڱي ريت سمجھن ٿا سنڌ واسين جو اھو مطالبو آھي تـ جيڪڏهن برساتن جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو معاملو آھي تـ پوءِ پاڪستان ۾ اڳواٽ ئي ڊيم ٺھيل آھن جن ۾ منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم سرفھرست آھن ان کان علاوه ٻيا ننڍا وڏا ڊيم پڻ پاڪستان ۾ موجود آھن پوءِ جيڪڏهن انھن ڊيمن ۾ برساتن جو پاڻي ذخيرو ڪيو وڃي ھا تـ ڇا اھو صحيح نـ ھيو جيڪڏهن منگلا ۽ تربيلا ڊيم برساتن جي پاڻي سان ڀريا وڃن ھا تـ شايد ايندڙ ڏھن سالن لاءِ سنڌ تـ ڇا پوري پاڪستان ۾ پاڻي کوٽ پيدا نـ ٿئي سنڌ جو عوام سڀ سمجھي ٿو تـ ھي سڀ ڊراما ڇو پيا ڪيا وڃن سنڌ دشمن منصوبي ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ جو ھر ننڍو وڏو چاھي اھي سياسي ھجن سماجي ھجن يا مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ھجن انھن سڀني پاران ان سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آھي ان جي لاءِ ان جي ٺاھڻ جي لاءِ ڪوششون اجايون آھن

سنڌ جي عوام کي اڳ ۾ ئي سور ڏنا ويا آھن منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم ٺاھڻ کان اڳ ۾ پوري پاڪستان جي عوام سان اھي واعدا ڪيا ويا ھيا تـ ھنن ڊيمن ۾ـپاڻي ذخيرو ڪري پاڻي کوٽ جي صورت ۾ تمام صوبن ۾ پاڻي جي کوٽ جي پورائي لاءِ برابري جي بنياد تي پاڻي جي ورڇ ڪئي ويندي ۽ تمام صوبن کي قانوني ورڇ موجب حصي جو پاڻي مھيا ڪيو ويندو پر ھن وقت تائين ارسا پاران پنھنجا واعدا ناھن پاڙيا پيا پاڻي جي شديد کوٽ باوجود سنڌ کي ورڇ مطابق سندس حصو تـ ناھي ڏنو ويندو پر جيڪو ڪجهھ ڏنو ويندو آھي تـ ان مان بـ پنجاب ارسا جي مدد سان پابندي وڌل چشما جھلم لنڪ ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن ذريعي پاڻي چوري ڪندوـرھندو آھي  6 مهينن کان سنڌ اندر پاڻي کوٽ آهي  جنهن سبب  هن سال سنڌ ۾ 80 سيڪڙو ساريالو فصل ناهي ٿيو  زمينون آباد ٿيڻ کان رھجي وڃڻ   سبب پوري سنڌ ۾ـمعاشي صورتحال انتھائي خراب ٿي سگھي ٿي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے