21 بدھ , نومبر 2018

ڪوهاٽ :اخرووال ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪو، 9 پورهيت فوت

kohat: In Balawali, a bomb kills 9, 9amata

ڪوهاٽ( ويب ڊيسڪ ) ڪوهاٽ جي علائقي اخوروال ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 پورهيت فوت ٿي ويا، جنهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن. ڪوهاٽ جي ڊپٽي ڪمشنر خالد الياس موجب کاڻ ۾ ڌماڪي وارو واقعو صبح 8 وڳي پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته کاڻ ۾ ڌماڪي سان آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري ساهه ٻوساٽجڻ ڪري فوتگيون ٿيون.خالد الياس موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.امدادي ڪاورائين ۾ آرمي جي ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن پڻ حصو ورتو. ڊپٽي ڪمشنر موجب فاٽا ڊيولپمنٽ اٿارٽي هتي موجود کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي بچاءَ سفيٽي جي حوالي سان ڪم ڪندي آهي ۽ روزاني بنيادن تي انسپڪشن ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته سندس چوڻ هو ته کاڻ جا مالڪ به ڪڏهن ڪڏهن قانون ۽ ظابطن جو خيال ناهن رکندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے