17 ہفتہ , نومبر 2018

کدڙن فقيرن کي سپريم ڪورٽ ۾ ملازمت ڏيڻ جو فيصلو

The decision by the Supreme Court to work for the poor peopleاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ کين عدالت ۾ ملازمت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ کدڙن فقيرن جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سمورن درخواست گذارن کي قومي سڃاڻپ ڪارد جاري ٿي ويا آهن، جنهن تي نادرا اختيارين ٻڌايو ته اسان سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سهولت مهم پڻ جاري آهي، نادرا 342 کدڙن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا آهن پر هو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نٿا اچن. لا ڪميشن جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته کدڙن فقيرن کي قتل پڻ ڪيو ويو آهي، 2015 کان هن وقت تائين 500کان وڌيڪ کدڙن فقيرن کي قتل ڪيو ويو، کدڙڻ فقيرن  جي حوالي سان جيڪا گائيڊ لائين جوڙي وئي ان تي وفاق اڃان تائين جواب ناهي ڏنو. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اهڙا واقعا بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، هي انگ اکر اهڙا ناهن جن جو ذڪر عدالتي حڪم نامي ۾ ڪيو ويو آهي . عدالت ٻن کدڙن فقيرن کي سپريم ڪورٽ ۾ ملازمت ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته کدڙن فقيرن جي معاشراتي مسئلا  حل ٿيڻ گهرجن، اسان ته کدڙن فقيرن کي قومي ڌارا ۾ آڻي رهيا آهيون. چيف جسٽس کدڙن فقيرن خلاف ويب سائيٽن جو پڻ نوٽيس وٺي ڇڏيو، هن پڇاڻو ڪيو ته هڪ ويب سائيٽ ذريعي غيرضروري معلومات ۽ افواهون پکيڙيون پيون وڃن، اهڙو مواد ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي. اها ڪهڙي اين جي او آهي جيڪا پيج ٺاهي بدنام ڪري رهي آهي.عدالت کدڙن فقيرن جي حقن جي حوالي سان سفارشون ٻن هفتن ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے