16 جمعہ , نومبر 2018

ڪراچي ۾اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو پهرين ترجيح آهي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام

Tertilizer of Karachi incompetent is the first priority: iii kalim imamڪراچي( ويب ڊيسڪ ) نئين آءِ جي  ڪليم امام سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرايئم جو خاتمو ڪرڻ پهرين ترجيح قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ پوليس جي ترجمان موجب نئين مقرر ٿيل انسپڪٽر جنرل( آءِ جي) سنڌ ڪليم امام عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. ترجمان ٻڌايو ته سينٽرل پوليس آفيس آمد تي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ سميت ٻين آفيسرن ڪليم امام جو استقبال ڪيو. ان کان اڳ ايئرپورٽ تي صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو ته پوليس کي بهتر ڪنداسين، ڀرپرو محنت ڪنداسين ۽ ڏوهن جو خاتمو آڻينداسين. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو پهرين ترجيح آهي ان جي روڪٿام لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين.  آءِ جي سنڌ عوام کي سهڪار ڪرڻ جي پڻ اپيل ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے