16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: تنگواڻي: ڪارنهن الزام تان نوجوان تي فائرنگ، زخمي

Matli: Judge sent the report of absence of workers to Session judge*تنگواڻي  ويجهو ڳوٺ مهرالله کوسي ۾ جوابدار نظير بکراڻي ڪارنهن الزام مڙهي نوجوان کي بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.

سرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ مهرالله کوسي ۾ جوابدار بندوق جا فائر ڪري  نوجوان امداد حسين بهلڪاڻي  کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

جوابدار نوجوان کي بندوق جا فائر ڪري مرڻينگ ڪرڻ کان پوءِ  پنهنجي  گهرواري کي گهران ڪڍي ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  زخمي کي کڻائي  اسپتال پهچايو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نھ  ٿي سگهيو ۽ نھ  ئي ڪا  گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے