20 منگل , نومبر 2018

مسلم ليگ ن جي رجسٽريشن خلاف داخل درخواستون رد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ واريون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن ن ليگ جي رجسٽريشن رد ڪرڻ وارين چئن درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي اهو قرار ڏنو آهي ته مسلم ليگ ن جي نالي سان گڏ نواز نه هٽايو ويندو. اليڪشن ڪميشن متفقه  طور تي چارئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون، ن ليگ جي رجسٽريشن رد ڪرڻ بابت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم نواز گنڊاپور، ابرار حسين رضا ۽ ٻين درخواست ڏني هئي. درخواست گذار مخدوم نياز انقلابي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته عدالت نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي چڪي آهي ۽ نااهل شخص جي نالي تي پارٽي نٿي رهي سگهي، تنهن ڪري مسلم ليگ ن مان نواز شريف جو نالو ڪڍيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان کي جائز حصو ناهي مليو: بلاول ڀٽو زرداري

هنزه(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سي پيڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے