20 منگل , نومبر 2018

نيوز |نوابشاهه :  شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف نه ملڻ خلاف آل پارٽيز الائنس احتجاج

سڪرنڊ ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي   کي انصاف نه ملڻ خلاف مختلف قومپرست جماعتن جي آل پارٽيز الائنس طرفان احتجاج ڪيو ويو.

ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه، جسقم آريسر سرمد ميراڻي، جسقم بشير قريشي جي علي انور چانڊئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ فرزانه جمالي اڪيلي نه آهي اها سنڌ جي نياڻي آهي هو ساڻس گڏ آهن.

هنن چيو تھ وي سي ۽ استاد عامر خٽڪ کي فوري طور تي هٽايو وڃي.

قومپرست اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  کان مطالبو ڪيو تھ هڪ جوڊيشل جاچ  ٽيم ٺاهي تحقيقات  ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے