21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | لکي غلام شاهه : هٿياربندن  جي فائرنگ پيءُ ۽ سندس معصوم نياڻي کي قتل

لکي غلام شاهه  ويجهو  جتوئي برادري جي هٿياربندن  ڳوٺ نظر محمد جاگيراڻي تي چڙهائي ڪري پيءُ ۽ سندس معصوم نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.

چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظر محمد جاگيراڻي ۾  جتوئي برادري جي هٿيار بندن عبدالرزاق جاگيراڻي جي گهر تي چڙهائي ڪري  گل بهار جاگيراڻي، سندس ٽن ورهين جي  ڌيءُ آمنا جاگيراڻي  مٿان فائرنگ ڪري کين موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

اطلاع ملڻ باوجود چڪ پوليس چئن  ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻي لکي غلام شاھ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

لاش ڳوٺ نظر محمد جاگيراڻي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

ٻڌايو پيو وڃي تھ  2015ع ۾ جرڳي ذريعي ختم ٿيل تڪرار ۾ تماچي جتوئي جي ڌر فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي عبدالرزاق جاگيراڻي جي گهر تي اڪبر جتوئي جي پلاند ۾ حملو ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

واقعي کان پوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا، جڏهن تھ واقعي جو ڪيس داخل نھ ٿي سگهيو نھ ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے