17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي آزاد ڪشمير حڪومت جو 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. راجا فاروق حيدر جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير ڪابينا جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪلثوم نواز کي خراج پيش ڪيو ويو. ڪابينا ڪلثوم نواز جي جمهوري جدوجهد کي ساراهيو ۽ آمريت خلاف سندس جدوجهد کي سلام پيش ڪيو. ڪابينا ۾ قرارداد به پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪشميري قوم ڏُک جي هن گهڙي ۾ نواز شريف سان برابر جي شريڪ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے