16 جمعہ , نومبر 2018

حڪومت وٽ نظريي بدران خواب آهن: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت وٽ نظريي بدران رڳو خواب آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي معززن اسلامي تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ قربانيون ڏنيون، اسان خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ نوابن، سردارن جو غرور ٽوڙي، عالمي توڙي مقامي اسٽيبلشمينٽ کي ڪاوڙائي اڳتي وڌياسين. هن چيو ته حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ٻڏتر جو شڪار آهي، جڏهن ته چين سان پراڻا لاڳاپا اقتصادي دوستي ۾ تبديل ٿيڻ سان ڌڪ لڳو آهي. ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي هن صلاح ڏني ته جيڪڏهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے