14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |مٺي: چونڊيل نمائندن پاران سول اسپتال جو دورو

ٿرپارڪر مان چونڊيل نمائندن پاران عوام جي شڪايتن تي سول اسپتال مٺي جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو

ضلع ڪائونسل چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، شير محمد بلالاڻي ۽ ٻين اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري داخل مريضن کان صحت جي سهولتن بابت پڇا ڪئي

ان موقعي تي مريضن چونڊيل نمائندن کي شڪايت ڪئي ته اسپتال انتظاميا ۽ ڊاڪٽرن جو مريضن سان رويو ٺيڪ ناهي، مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر سرڪاري اسپتال ۾ مريضن کي چڪاس ڪرڻ بدران خانگي اسپتال تي اچڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن

هنن چيو ته اسپتال ۾ سرڪاري دوائن جو گدام ڀريل هئڻ باوجود مريضن کي خانگي اسٽورن جون پرچيون لکي ڏنيون پيون وڃن

پ پ ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته سنڌ حڪومت ٿر جي عوام جي ڀلائي لاءِ جاکوڙي پئي، سول اسپتال انتظاميا حڪومت جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي رهيو آهي

سندس چوڻ هو ته هن ڏڪاري صورتحال تي ڀرپور آواز اٿاريو آهي، جڏهن ته هو مٺي سول اسپتال انتظاميا جي اهڙي اڍنگي عمل خلاف به وڏي وزير سان ڳالهيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے