18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |مسو ڀرڳڙي: ڪيو اي ٽي پاران تعيلم ۽ صحت جون سهولتون نه ملڻ خلاف ريلي

مسو ڀرڳڙي ڀرسان قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي پاران تعيلم ۽ صحت جون سهولتون نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ واڻڪي وسي ۾ ڪامريڊ بشير، اڪبر سومرو ۽ جنيد سميت قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي جي ماڻهن سرڪاري اسڪول ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ ۽ ڊسپينسري ۾ معياري علاج جون سهولتون نه ملڻ خلاف ٿنڀا چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سرڪاري بوائز هاءِ  اسڪول جي ايس اين اي 5 سالن کان منظور نه ٿيڻ سبب استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ آهي، جنهن ڪري شاگرد توڙي شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته تاريخي ڳوٺ واڻڪي وسي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت ناهي ، واٽر سپلاءِ اسڪيم 1994ع کان قائم ٿي پر 24 سالن ۾ ھڪ ڏينهن به نه ھلي سگهي آهي، ۽ رهواسي صاف پاڻي جي سهولت کان محروم آهن.

سندن چوڻ هو ته ڊسپينسري  پي  پي ايڇ  آءِ حوالي ٿيڻ بعد به ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ رھي ٿي، جنهن سبب مريض سخت ڏکياين کي منهن ڏين ٿا.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته تعليم ۽ صحت سميت بنيادي سهولتون ڏين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے