21 بدھ , نومبر 2018

پاڪپتن معاملو: پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام پاڪپتن معاملي تي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. ڪليم امام طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 24 آگسٽ تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پي ايس او ذريعي پوليس آفيسرن کي رات 10 وڳي طلب ڪيو. رپورٽ موجب مانيڪا فيملي جو ويجهو دوست احسن اقبال جميل وڏي وزير جي دعوت تي آفيس پهتو ۽ واقعي جي دانهن ڏنائين، هن پوليس طرفان خاور مانيڪا جي ڌيءُ جو هٿ پڪڙڻ ۽ ڌڪو ڏيڻ جي به دانهن ڪئي. ڊي پي او پاڪپتن آر پي ۽ وڏي وزير سامهون پراعتماد طريقي سان پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي. هن احسن اقبال جميل کي چيو ته جيڪڏهن نياپن جو مطلب ڪنهن جي ڊيري تي وڃي معافي گهرڻ آهي ته مان نه ويندس، ڊي پي او ماڻهن جي ڊيرن تي ناهن ويندا. پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته وڏو وزير اڳتي ڪنهن به پوليس آفيسر کي سڌو سنئون طلب نه ڪري، جيڪڏهن ڪنهن آفيسر بابت ڪو معاملو هجي ته ان کي آءِ جي ذريعي طلب ڪيو وڃي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ڊي پي او پاڪپتن جي بدلي واري معاملي تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس ۾ سياسي مداخلت جي جاچ جو حڪم ڏيندي هڪ هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے