16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |ڪڍڻ: محرم الحرام جي سلسلي ۾ مجلسن جو سلسلو شروع

ڪڍڻ ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ مجلسن جو سلسلو شروع ٿي ويو، مختلف امام بارگاهن، پڙن تي ڪربلا جي شهيدن عالم اسلام۽ انسانيت جي  لاءِ  ڏنل قربانين کي ڀيٽا ڏني پئي وڃي

مرڪزي امام بارگاهه ڪاشانئه ابوالفضل عباس  ۾ مولانا منظور حسين ميمڻ، امام بارگاه محفل حسيني ۾ مولانا سيد شاهد عباس شمسي  پهرين محرم کان روزانا مجالس عزا کي خطاب ڪندا

ٻئي طرف عورتن جي طرفان عذاداري لاءِ خواجه پاڙي ۾ ملڪ ثقلين جي گهر تڏو وڇايل آھي ,هوڏانهن باغ در حسين ,درگاه حسين شاه, ماستر حسين چانڊيو,ڇيل,قائم چانڊيو,ٻڊو چانڊيو, سميت سامونڊي پٽي  جي مختلف هنڌن تي عزاداري جو سلسلو هلندڙ آهي

محرم الحرام ۾ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ امام بارگاهن ۽ مسجدن ٻاهران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے