18 اتوار , نومبر 2018

صحت اهم وزارت آهي، ڪنهن جي سفارش نه هلندي: عذرا پيچوهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت کاتي بابت صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته دوائن جي خريداري ۾ خردبرد جي جاچ ٿيندي، هاڻ سفارش نه هلندي، صحت جي شعبي ۾ سڌارا آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس پروگرام ۽ دوائن جي خريداري ۾ خردبرد جو نوٽيس ورتو آهي، پروگرام کي نئين سر ڏسڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ ٽيم به ٺاهي وئي آهي. هن چيو ته صحت جي وزارت اهم آهي، ان جا مسئلا به ڏاڍا سنگين آهن، تنهن ڪري سڌارن جو فيصلو ڪيو آهي. عذرا فضل پيچوهو چيو ته صوبي اندر اسپتالن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، ايم ايس، ڊي ايڇ او ۽ پروگرام مئنيجر کي ٽيسٽ وٺي مقرر ڪيو ويندو، صحت کاتي ۾ هاڻ سفارش نه هلندي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي کوٽ آهي، تنهن ڪري تڪڙيون ڀرتيون شروع ڪري رهيا آهيون، اهي ڀرتيون اميدوارن کان اين ٽي ايس ذريعي امتحان وٺڻ کانپوءِ ڪيون وينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے