14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |سوڀو ديرو: ٽريفڪ پوليس اهلڪار ڪار جي ٽڪر ۾ فوت

سوڀو ديرو واسي ٽريفڪ پوليس اهلڪار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.

شاهه فيصل تي سوڀوديرو واسي ٽريفڪ پوليس اهلڪار مير الله داد عرف فهيم ٽالپر ڪار جو ٽڪر لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، کيس جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هڪ ڏينهن بعد هن دم ڏئي ڇڏيو.

ٽريفڪ پوليس کي سندس اباڻي ڳوٺ ٽنڊو مير ڪرم خان ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪري سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويو، سندس جنازي نماز ۾ ڪراچي اوڀر جي ايس ايس پي ٽريفڪ پوليس ملڪ ظفر ۽ ٻين اهلڪارن سميت سياسي سماجي ماڻهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال چيو ته شھيد کي مڪمل سرڪاري اعزاز ڏنا ويندا ۽ سندس ڀاءُکي پوليس جي نوڪري ڏني ويندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے