19 پیر , نومبر 2018

نيوز | شهداد پور: چاچي هٿان ڀائيٽو قتل

شهداد پور ڀرسان ذاتي ناراضگي تان چاچي ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

سرهاڙي ڀرسان ڳوٺ اميربخش ٽالپر ۾ محمد بخش ٽالپر ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان ڀائيٽي دلدار ٽالپر کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش اسپتال آندو، پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته چاچي ۽ ڀائيٽي ۾ ذاتي ناراضگي هئي، واقعي جي وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.

هوڏانهن مقتول نوجوان جي پيءُ جمعي ٽالپر چيو ته سندس نوجوان پٽ کي بي ڏوهي قتل ڪري ڀاءُ ساڻن ظلم ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:لاکاروڊ: گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب علمي سرگرميون سخت متاثر

*لاکا روڊ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب علمي سرگرميون سخت متاثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے