20 منگل , نومبر 2018

فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، ملڪ جو مفاد حڪومت ۽ فوج کي عزيز آهي، وزيراعظم کي آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني وئي، هر نئين وزيراعظم کي آءِ ايس آءِ ۾ بريفنگ ڏني ويندي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان کي اندرين خطرن کي بريفنگ ڏني وئي، فوج پنهنجا نڪتا سامهون رکيا، وزيراعظم چيو ته اڄوڪي دوري کانپوءِ اداري تي اعتماد وڌيو، وزيراعظم ۽ فوج اهو ئي سوچي ٿي ته هٿياربند جٿا ۽ انتهاپسند ختم ٿين، عمران خان جي ڀارت بابت بيان کي فوج جي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته ادارا گڏجي رياست ٺاهيندا آهن، آءِ ايس آءِ سان سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان چين ۽ آمريڪا سان اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ تي ٻين ملڪن کي اعتراض جي ضرورت ناهي، اسد عمر آمريڪي سفير کي چيو ته توهان پنهنجي انويسٽمينٽ آڻيو، سي پيڪ کان نه گهٻرايو، آمريڪا هجي يا چين، جيڪو به پاڪستان اچي، پنهنجي دوري مان مطمئن هوندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے