18 اتوار , نومبر 2018

سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ريحام خان ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ مان جبري طور گم ٿيل ماڻهن جو معاملو هر سطح تي اٿاريو ويندو رهيو آهي پر تازو ناليواري صحافڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي ويڊيو بيان ۾ سنڌ مان جبري طور گم ڪيل ماڻهن جي حق لاءِ آواز اٿاريو آهي. ويڊيو ۾ ريحام خان چيو آهي ته مون وٽ 272 گم ٿيل ماڻهن جي فهرست آهي، اڳ بلوچن ۽ قبيلائي علائقن مان ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويندو هو پر هاڻ اهو سلسلو سنڌ ۾ به تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جيڪا انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته قومي ميڊيا ان معاملي تي آواز نه پئي اٿاري، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ماڻهو ان حوالي سان پنهنجو  آواز اٿاري رهيا آهن، سنڌ مان جبري طور کنڀيل قومي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻهن تي جيڪڏهن ڪو الزام آهي ته کين ملڪ جي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن کي به جبري طور کنڀي گم ڪرڻ ملڪي آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. ريحام خان لاڳاپيل اختيارين ۽ سنڌ جي پارٽين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ قدم کڻن ته جيئن سندن وارث سُک جو ساهه کڻي سگهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم قوم کي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جا 100 ڏينهن پورا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے