20 ہفتہ , اکتوبر 2018

بلوچستان بعد سنڌ مان به ماڻهو کنڀجن پيا، عالمي سطح تي آواز اٿارڻ گهرجي:ريحام خان

ڪراچي (رپورٽر) مشهور ٽي وي اينڪر. سوشلسٽ ۽ عمران خان جي اڳوڻي زال ريحام خان چيو آهي ته ملڪ مان خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان مان 272 ماڻهو گم آهن، جن ۾ اڪثر سنڌ جا قوم پرست به شامل آهن، انهن جي واپسي لاءِ تمام گهٽ آوزا اٿاريو پيو وڃي، قومي توڙي عالمي سطح تي انهن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي اهڙين ڳالهين جو اظهار هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ذريعي ڪيو آهي، ريحام خان چيو ته آئين ۽ قانون مطابق ڪوبه شخص لاپتا آهي ته ان کي برآمد ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اهو شخص ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث آهي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڪيس هلائڻ گهرجي پر ان کي مقابلي ۾ مارڻ يا لاپتا ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي، هن گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان چيو ته ايترو ڪرڻ گهرجي ته گم ٿيل شهري جي ماءُ، ڀيڻ، زال کي خبر هجي ته سندن پيارو ڪٿي آهي جيڪڏهن اهو زنده ناهي ته به وارثن کي ٻڌائڻ گهرجي، هن چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين ۾ به اهڙو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي پر اسان کي ٻين جي ڳالهه ڪرڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ کي ٺيڪ ڪيون، ريحام خان گم ٿيل ماڻهن جا فوٽو ڏيکاريندي چيو ته هي عمل پهريان بلوچستان ۾ ٿيندو رهيو آهي هاڻي سنڌ ۾ به ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ جيڪي به سياسي جماعتن جا اڳواڻ آهن يا سوشلسٽ آهن انهن سڀني کي اپيل ڪيان ٿي ته قوم پرستن سان اهڙي زيادتي نه ڪئي وڃي، آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪري گم ڪيلن کي ظاهر ڪيو وڃي، ان موقعي تي هن سنڌ مان گم ڪيل خادم آريجو، اعجاز تنيو، گلشير ٽڳڙ، ننگر چنو، بلال چانڊيو ۽ ٻين جا پمفليٽ پڻ ڏيکاريا.033041

ريحام خان جا ٿورائتا آهيون، سنڌ عذاب ڀوڳي پئي: سورٺ لوهار

ڪراچي (پ ر) وائيس فار مسنگ پرسن سنڌ جي ڪور آڊينيٽر سورٺ لوهار جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اسين ريحام خان ۽ رضيا سلطانا جا ٿورائتا آهيون، جن سنڌ سميت اسان جي دردن جي ترجماني ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته گم ڪيل ماڻهو ملڪ جو اهم مسئلو آهي، پر رياست ۽ سندس ادارا ان طرف ڌيان نه ٿا ڏين، اسان قانوني گهرجون پوريون ڪري لسٽون گذريل حڪومت واري سنڌ جي گهرو وزير سان آمهون سامهون ملي اهي لسٽون ڏنيون سين، پر اڃا تائين اسان کي خاطر خواهه جواب ناهي مليو، اسان جو اهو ئي مطالبو آهي ته جيڪڏهن اسان جا پيارا ڏوهاري به آهن ته کين عدالتن ۾ آندو وڃي، آئين به رياست جو آهي ۽ ادارا به رياست جا آهن، جيڪڏهن رياستي ادارن کي آئين تي عمل ڪرڻ نٿو پڄي ته  اسان وٽ عالمي ادارن کي اپيل ڪرڻ کان سواءِ ٻي راهه ناهي، ريحام خان جو اهو بيان به هن جي هڪ ڪڙي آهي.

گم ڪيلن بابت پوليس ۽ رينجرز تي ڪاوڙ، ڇو ماڻهو آزاد ناهن ٿيا: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي عدالت پاران رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، رينجرز بازياب ٿيل 13 شهرين جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 25 کان وڌيڪ گم ٿيل شهرين جي بازياب نه ٿيڻ تي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران گم شهري شيخ محمد ڪليم جي والده عدالت کي ٻڌايو ته سندس پٽ ڪراچي جي يو سي 26 جو چيئرمين هو 2016ع۾ کيس گم ڪيو ويو جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به پتو ناهي منهنجو پٽ ئي منهنجو سهارو آهي ان کي بازياب ڪرايو وڃي. گم ٿيل هڪ ٻئي شهري شمشاد جي گهر ڀاتين عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته شمشاد 2014ع کان لاپتا آهي پر اڄ ڏينهن تائين کيس بازياب ناهي ڪرايو ويو جنهن تي عدالت پوليس رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇو فورسز اڄ ڏينهن تائين ماڻهن کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جي آءِ ٽي به ڪي خاص نتيجا نه ڏنا آهن. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته گم ٿيل ماڻهن جي گهر ڀاتين کي اسان ڪهڙو جواب ڏيون. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس ۽ رينجرز گهر واپس آيل 13 شهرين جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته بغدادي مان گم ٿيل منور علي، ناظم آباد مان محمد اسد الله، محمد ناصر ۽ ٻيا گهر واپس پهچي ويا.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhar Polls: Afghan election commissioners recommend suspending Kandahar vote

افغانستان ۾ اڄ چونڊ، دهشتگردي بعد قنڌار ۾ ملتوي

ڪابل(م ڊ) پوليس چيف عبدالرازق جي قتل کانپوءِ افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اڄ ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے