21 بدھ , نومبر 2018

انصاف لاءِ ويٺل عوام ۽ سندن اميدون

12 مئي سانحي کي 11 سال گذري چڪا آهن ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون جن ۾ وڪيلن عورتن مردن سان گڏ ڪيترا بيگناهه شهري به پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، فوتين جي انگ کانسواءِ سوين ماڻهو زخمي ٿيا، پرويز مشرف جي دور جو هيءَ خوفناڪ سانحو ڪنهن به ماڻهوءَ جي دماغ مان نڪري نٿو سگهي. عوام اهو سوچيو ته جيڪڏهن هن ملڪ جون عدالتون مضبوط هونديون ته عوام پنهنجي حق ۽ آزاديءَ جي زندگي صحيح نموني ماڻي سگهي ٿو، هن واقعي کانپوءِ فورن پ پ پ جي حڪومت به اچي وئي ۽ خود بينظير ڀٽو جي شهادت جو واقعو به 2007ع ۾ يعني پرويز مشرف جي دور جو سانحو آهي. پر جيڪڏهن انهن ٻنهي واقعن کي ڏسجي ته ڪنهن جي به ڪا خاطر خواهه تحقيق نه ٿي بلڪ جمهوري حڪومت ۾ پرويز مشرف کي سڌو رستو ڏئي ملڪ کان ٻاهر اماڻيو ويو، ۽ پوءِ افتخار چوڌري جنهن لاءِ ماڻهن سوين ميلن جا سفر ڪري هن جو ساٿ ڏنو تنهن به ڪو خاطر خواهه سوموٽو ايڪشن نه ورتو بلڪ ڳالهه کي صرف ٽاريو ويندو رهيو، جڏهن ته ڪراچي لائرس چيمبرس تي حملو ڪري وڪيلن کي ساڙيو ويو، هيءُ واقعو به تاريخ جو خوفناڪ واقعو چئجي ته گهٽ نه آهي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي وڪيل ان تحريڪ ۾ شهيد ٿي ويا يا عام ماڻهو به شهيد ٿيا انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو معاوضو يا پونئرن جي ڪا داد رسي نه ڪئي وئي بلڪ افتخار چوڌري خود ان سڄي معاملي ۾ سرد مهريءَ جو مظاهرو ڪندو رهيو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته شهرين جي حفاظت ۽ بچاءُ لاءِ پوليس مقرر ڪئي ويندي آهي ۽ جڏهن شهرين مٿان ۽ وڪيلن جي قافلي تي ڪن نامعلوم ڌرين  طرفان گوليون هلي رهيون هيون ته ڪنهن به قسم جي ڪا مزاحمت نه پئي ٿي، بلڪ آج ٽي وي انهيءَ سڄي واقعي جي نشاندهي ڪري عوام کي آگاهه ڪري رهي هئي ته ان تي به حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ ٻن ڏينهن تائين سڄي عملي کي يرغمال ڪيو ويو. مختلف صحافين جو ڪئمرائون کسي صحافين کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

اڄ جڏهن 11 سالن کانپوءِ جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي 12 مئي سانحي جي تحقيقات ڪرائي اصل دهشتگردي جي کوجنا ڪري ۽ مجرمن کي سزائون ڏئي شهيدن جي پونئرن سان انصاف ڪري معاوضي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته اها تمام گهڻي خوش آئينده ڳالهه آهي. هونئن به انصاف جيڪڏهن جلد پلئه نه پوي ته اميد نه هارڻ گهرجي ۽ اها اميد ئي آهي جيڪا قومن کي جيئاري ملڪ جي آئين قانون جي ساک برقرار رکي سگهي ٿي.

اسان چاهيون ٿا ته انهيءَ وقت جا جيڪي به ڪيس آهن انهن جي پيروي ٿيڻ گهرجي هر دفعي ماڻهن جي اها اميد ۽ مطالبو هوندو آهي ته انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ اها هڪ حقيقت به آهي ته دهشتگردي جي روڪ ٿام تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن دهشتگردن کي سزا ڏني وڃي ته پوءِ اهي روز جا واقعا نياڻين جا قتل، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ زندگيون مفلوج ٿي وڃن ٿيون، پنهنجي وطن ۾ هر ماڻهو ويڳاڻو آهي، انهيءَ ڪري جو ماڻهن لاءِ انصاف گهرائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.

سو موجوده دور ۾ جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي زندگيءَ جي ڪل ڪمائي جو گهڻو ڀاڱو هن ڪيس جي انصاف تي مبني فيصلي کانپوءِ عوام ۽ مستحق ماڻهن جي ويساهه جي شڪل ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا. اهو ويساهه جنهن هيٺ ماڻهون 10 سالن کان ان اوسيئڙي ۾ آهن ته ڪڏهن انصاف ملندو سو وقت ته اچي ويو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ کي عملي شڪل ڪڏهن ٿي ملي.

ڪنهن به سانحي کي سرد خاني ۾ اماڻڻ کان اڳ اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا هٿ آهن جيڪي انهن ڪيسن کي ڪمزور ڪري کين ڪنهن اونداهي ڪمري ۾ بند رکي وڃن ٿا. سو ساراهڻ جي ڳالهه اها آهي ته جسٽس اقبال ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا نئين سر ٽربيونل قائم ڪري C.I.I  ڪرڻ جو چيو آهي، ته اها بلڪل هئڻ گهرجي عدالت واحد ادارو آهي جتي هر ماڻهون انصاف جي اوسيئڙي ۾ سالن جا سال سفر ڪن ٿا.

اها هڪ حقيقت آهي ته عدالت جي ساک کي بچائڻ لاءِ عوام جو ويساهه بحال ڪرڻ گهرجي، هونئن به عدالت اهو ادارو آهي جتي عوام پنهنجي لاءِ انصاف جي اميد ڪنهن اليڪشن سليڪشن کانسواءِ رکي بي ڌڙڪ پنهنجي حق گهرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ ڪري اهي قومون ۽ اهي ملڪ جدوجهد ۾ هوندا آهن ۽ عوام بي اونو هوندو آهي جتي انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪيو ويندو آهي.

اڄ موقعو آهي ته انهن بي ڏوهي قتلن جو به ازالو ڪري انصاف ڪيو وڃي، اڄ به پريس ڪلبن اڳيان مائر، ڀينر، انصاف لاءِ ٻاڏائين ٿيون، نياڻيون اغوا ٿيل آهن، جسٽس صاحبن کي انهيءَ تي به غور ڪرڻ گهرجي، اڄ انهيءَ اميد سان قوم جون نگاهون ٻيهر عدالت ڏي واجهائين ٿيون ۽ اميد آهي ته جيڪي به عدالتن جي انصاف جي اوسيئڙي ۾ سالن جا سال رهجي ويل ڪيس آهن انهن سڀني جي تحقيقات ڪري متاثرن کي سک ڀري ساهه کڻڻ جو يقين ڏياريو وڃي.

خميس 13 سيپٽمبر  2018ع، 02 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمنڊ ۾ غرق ٿيندڙ سنڌ ۽ سرڪار جو اعتراف

گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هجڻ ڪري سنڌ گهڻ طرفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے