21 اتوار , اکتوبر 2018

حڪومت جا نيلامي وارا هيليڪاپٽر اڏامڻ جي قابل ناهي: بي بي سي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان نيلامي جي لاءِ پيش ڪيل چئني هيليڪاپٽرن مان هڪ به اڏام ڀرڻ جي قابل ناهي. برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب وزير اعظم جي آفيس مان ڪابينا ڊويزن ڏانهن هڪ خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ نيلام ٿيندڙ چئني هيليڪاپٽرن جي حالت بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. خط موجب حڪومت طرفان نيلام ٿيندڙ چارئي هيليڪاپٽر اڏام ڀرڻ جي قابل ناهن، چار ئي هيليڪاپٽر طويل عرصي کان پرزن جي عدم موجودگي جي ڪري خراب حالت ۾ آهن ۽ انهن هيليڪاپٽرن کي اڏام ڀرڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ چڱي رقم خرچ ڪرڻي پوندي. ان بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته 93-1992 ماڊل جي هيليڪاپٽرن کي ته ڪجهه پرزا وجهي استعمال جوڳو بڻائي سگهجي ٿو پر ان تي به ڪروڙين رپيا خرچ ايندا پر 74-1971 ماڊل جي هيليڪاپٽرن کي اڏامڻ جوڳو بڻائڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مهانگو ڪم آهي. هيليڪاپٽرن ۾ ڪجهه پرزا اهڙا آهن جن کي هڪ خاص مدي بعد تبديل ڪرڻو پوندو آهي پوءِ ڀلي اُهي هيليڪاپٽر استعمال ٿيا هجن يا نه.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے