18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |قلم ڌڻين کي شاباس، بيمار صحافي هريش سامي کي اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيو

ٽنڊي ڄام واسي صحافي هريش سامي جي بيماري ۽ گداگري واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ بعد صحافين هريش کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيو.

ڳوٺ شاهنواز جوڻيجو جو رهواسي صحافي هريش سامي اداري مان نيڪالي بعد هٿ ٽنگڻ تي مجبور بڻجي ويو، سندس تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صحافي ۽ صحافتي تنظيمون جاڳي پيون.

صحافين هريش سامي کي ڊاڪٽر بيکارام جي سهڪار سان لمس ڄامشورو اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو.

بيماري صحافي هريش سامي جو چوڻ هو ته هو ڪاري سائي سبب نوڪري ڪرڻ جهڙو نه رهيو، سندس هٿن به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

هن چيو ته بيروزگاري ۽ بيماري سبب گهر جون حالتون خراب ٿي ويون، ٻچا بک تي نه ڏسي سگهڻ سبب مجبوري ۽ بک بيماري پنائڻ تي مجبور ڪيو.

سندس چوڻ هو ته  کيس چئن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي، سندن تعليم بک ۽ بدحالي سبب اڌ ۾ ڇڏائي.

صحافي هريش سامي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته اولاد لاءِ گهر ۽ زندگي جي جياپي لاءِ علاج ۾ مدد ڪري ته جيئن هو ٻيهر صحافت ڪري زندگي گهاري.

هوڏانهن سنڌ جي مختلف صحافين اطلاعات کاتي کان مطالبو ڪيو ته صحافي هريش ۽ سندس ٻارن جو علاج ۽ تعليم سرڪاري خرچ تي ڪرائي کين گهر ڏئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے