16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |ڪورنگي ضلعي ۾ محرم جي حوالي سان ايس ايس پي آفيس ۾ گڏجاڻي

ڪورنگي ضلعي ۾ محرم جي حوالي سان ايس ايس پي آفيس ۾  اھم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي ، جنهن ۾ محرم الحرام بابت بريفنگ ڏني وئي .

ايس ايس پي ڪورنگي امير ساجد سدزوئي ، ايس پي لانڍي شھبان  ۽ ڊي ايس پي ڪورنگي فتح محمد شيخ  ۽ حساس ادارن جي اھلڪارن  شرڪت ڪئي.

ڪورنگي  پوليس ترجمان طرفان ڪورنگي ضلعي جي جلسن ۽ جولسن جو تعداد ۽ حساس ۽ نارمل  جي   رپورٽ پيش ڪئي وئي.

ڪورنگي ۾ پھرين محرم کان ڏھ محرم تائين جلوس ۽ مجلسن جو وڏو  انگ  آهي ، جنھن ۾ مجلسن جو تعداد ۽ حساس مجلسن جي ڪل تعداد 808 آھي.

هنن  حساس ترين مجلسون 117 حساس ۽ نارمل 361 مجلسن جو انگ آھي، جڏهن ته  ضلعي  ڪورنگي ۾ جلوسن جو ڪل تعداد 163 آھي.

اجلاس ۾  ايس ايس پي ڪورنگي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته محرم الحرام جي  سيڪورٽي حوالي سان سڀ انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن.

هن چيو ته  عوام جي تحفظ کي  يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني مڪتب فڪر جي عبادتن گاھن مجلسن ، امام بارگاھن ۽ مسجدن جي چوڌاري  اسنيپ چيڪنگ، موبائيل پيٽرولنگ ۽ موٽر سائيڪل جي گشت کي تيز ڪيو ويو آھي .

هنن چيو ته  ڪورنگي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل فليگ مارچ به ڪيو ويندو.

ھن وڌيڪ چيو ته ضابطا اخلاق جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| نواب شاهه : شاهه عبداللطيف جي پانڌيئڙن جي بس سان حادثو،15 زخمي

نواب شاهه ڀرسان بالو جا قبا وٽ لطيف سرڪارجي زيارت لاءِ ويندڙ پانڌيئڙن جي بس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے