24 بدھ , اکتوبر 2018

فاروق ستار ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) فاروق ستار متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. فاروق ستار طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ذاتي سببن جي ڪري رابطا ڪميٽي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏني. سندس چوڻ آهي ته استعيفيٰ رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان  ڏانهن موڪلي آهي. خيال رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ان قسم جو اطلاع ميڊيا تي گردش هيٺ آهي ته فاروق ستار تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي ۽ پاڻ فاروق ستار به انهن خبرن جي تصديق ڪئي هئي ته تحريڪ انصاف جي ڪجهه ماڻهن کيس پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي جنهن تي دوستن سان ڳالهيون جاري آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے