21 اتوار , اکتوبر 2018

ڏندين آڱريون ڏيندڙ ڪِرت، ڪاروبار ۽ شوق! ميون جي پوک ۽ پالنا:مٺل جسڪاڻي

ميون جي پوک ۽ پالنا، هڪ ڪِرت به آهي، ڪاروبار به آهي، ته شوق به آهي. ميوا پوکڻ يعني باغ لڳائڻ ۽ باغ جي سار سنڀال کان وٺي، باغ مان اپت حاصل ڪرڻ واري ڪِرت کي باغباني چئبو آهي. باغ جي سنڀاليندڙ، باغ جي مالڪ کي باغبان يا باغائي چئبو آهي. زمين جو اهڙو سرسبز ۽ شاداب حصو، جنهن ۾ ڪو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ قسم جا ميوا پوکيل هجن، ان کي باغ چئبو آهي.

جنهن جنهن به باغ کي شوق ۽ مهارت سان سنڀاليو آهي، ان پنهنجي مخصوص علائقي ۾ ئي نه، ڏيهان ڏيهه مشهوري به ماڻي آهي. لفظ ”ڪاڇيلو“ جي لغوي معني ”ڪڇ وارو“ آهي، پر سنڌ ۾ هڪ قبيلو، هڪ ذات ”ڪاڇيلو“ به آهي. اها ذات ٻڌندي ئي ڪاڇيلو فارم، ڪاڇيلو فارم جا انب، ان سان لاڳاپيل سچ ذهن تي تَرِي ايندو آهي. ڇو ته برطانيا جي شهزادي تائين، سنڌڙي انب جي خوبصورت ۽ وڏي واکاڻ ماڻيندڙ سوکڙي، ميرپورخاص ضلع مان ڪاڇيلو فارم تان رواني ٿي هئي. ان کانپوءِ ميرپورخاص جو جوڻيجو فارم، ٻگهيو فارم، گوندل فارم وغيره، توڙي سنڌ جي ٻين ضلعن مان پڻ ڪيترائي ٻيا باغ به مشهور ٿيا آهن. انهن مشهور ۽ معروف باغن مان انب، دنيا جي ڪيترن ئي مشهور ۽ ترقي ماڻيل ملڪن ڏانهن، روانگي واپار وسيلي وڪامڻ ويندا آهن، جنهن ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ وسيلي، ملڪي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ هٿي ملندي رهي آهي.

سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ باغ انبن جا آهن، ان ڪري انب سنڌ جو انتهائي اهم ميوو آهي. انب کان پوءِ ڪٿي کجي، ته ڪٿي ليمون، ڪٿي زيتون، ته ڪٿي ٻير جا باغ ججها آهن. هونئن نه ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪيلو به گهڻو آهي. ڪٿي پپيتو، ڪٿي ڄمون، ته ڪٿي ڦاروا وڌيڪ آهن. ڪٿي چڪو، ته ڪٿي ناريل جا باغ به آهن.

ٽنڊوڄام کان اتر طرف، مٽياري ضلع جي پوڇڙ ۾، سنڌ جو پراڻو ڳوٺ موسي کٽياڻ، جيڪو هاڻ هڪ ننڍڙو شهر، کٽياڻ جي نالي سان مشهور آهي. ان جي آسپاس کٽياڻ قبيلي جون زمينون ۽ باغ آهن. ان ئي ڳوٺ جا ڪجهه کٽياڻ، پنهنجي پنهنجي زمين کي ويجهو وڃي رهائش پذير ٿيا آهن، ته هاڻي ڳوٺ عارف کٽياڻ سميت ڪي ٻيا ڳوٺ ۽ فارم به وجود ۾ آيا آهن، جتي پڻ رهائش لاءِ ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ قائم ٿي ويا آهن. انهن جي آس پاس پڻ انب ۽ ڪي ٻيا باغ آهن.

هڪ اندازي موجب گذريل پنڌرهن سورهن سالن کان، انبن جي ننڍن وڏن وڻن کي سڪائي ڇڏڻ واري خطرناڪ بيماري، ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي. ان ڪري ٻين علائقن جي انب مالڪن سميت کٽياڻ مان سڀ کان پهرين رئيس حاڪم علي خان کٽياڻ، ان کان پوءِ سندن عزيز رئيس فرمان علي خان کٽياڻ ۽ ويجهڙائي ۾، هي ٻه اکر لکڻ کان چند ڏينهن پهرين، رئيس شاھد خان کٽياڻ ۽ سندس ڀاءُ رئيس عرفان خان کٽياڻ رابطو ڪيو، ته سندن انبن جي باغ جو معائنو ڪري، کين صلاحون ڏيڻ لاءِ وڃڻ ٿيو.

جيتوڻيڪ انبن جي باغن کي سڪائڻ واري بيماري کان بچائڻ سميت ٻين بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ پڻ، جامع حڪمت عملي ترتيب ڏئي، آبادگارن کي وقت سر آگاهه ڪرڻ لاءِ، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ معلوماتي مضمون به شايع ٿيندا رهيا آهن، پر رئيس شاھد خان کٽياڻ ۽ سندس ڀاءُ رئيس عرفان خان کٽياڻ جو باغ گهمندي خبر پئي، ته اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻ باغن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شروع ته ڪيو ويو آهي، پر روايتي طور طريقا به اڃا جاري آهن. ان ڪري سندن باغ جو تفصيلي معائنو ڪري، ٿيل ڪم ڪار جي وقت ۽ طريقي تي تفصيلي ڳالهيون ڪري، ضروري معلومات ڏئي، مستقبل ۾ ڪرڻ وارن ضروري ڪمن ڪارن متعلق گهربل صلاحون ڏنيون. هن موقعي تي زرعي تحقيق سنڌ جو ٽنڊو ڄام ۾ مقرر اسسٽنٽ سوائل فرٽيلٽي آفيسر سيد حسن راشدي به اتي موجود هو. جنهن ڪري ”هڪ کان ٻه ڀلا“، اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري، اهڙيون به صلاحون شامل ڪيون، جن متعلق منهنجو ذاتي تجربو نه هو، پر حسن راشدي جا آزمايل نسخا هئا. ڪاش، حسن راشدي اهي نسخا قلمبند ڪري، عام آبادگارن جي معلومات لاءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ڪرائي.

نِت نَئين ڳالهه!

ڪجهه مهينا اڳ، مون کي عالمي اوطاق (فيس بوڪ) وسيلي خبر پئي ته ٽنڊو الهه يار ضلع جي قديمي ڳوٺ (هاڻي چڱو خاصو شهر ٿي ويو آهي) مسڻ لڳ هڪ آبادگار، سندس زمين جي لڳ ڀڳ هڪ ايڪڙ ايراضي ۾، مختلف قسم جا اهڙا ميوا پوکيا آهن، جو هاڻي سڄو سال، اتي هڪ نه ته ڪو ٻيو ميوو تيار هوندو آهي! مون سنڌ ۾ ئي نه، ڪٿي به اهڙو باغ نه ٻُڌو، نه پڙهيو هو، ان ڪري اهو باغ ڳولي، هلي ملي، وڃي ڏسڻ جو شوق ٿيو. ڳولا ڪندي، ٽنڊو الهه يار جي معروف اديب احمد خان ’مسڪين‘ سمون جي مدد سان، اهو هڪ باغ ڏسڻ نڪتس ته ڇا ڇا نه ڏٺو؟

آئون ۽ منهنجو فرزند ابصار مٺل جسڪاڻي، جنهن پڻ ٻوٽن جي بيمارين واري علم کي ئي ترجيح ڏني آهي، تازو گريجوئيشن مڪمل ڪري، هاڻ پوسٽ گريجوئيشن (پلانٽ پيٿالاجي ۾ ايم ايس سي) ڪري رهيو آهي، ٽنڊو ڄام مان ٽنڊو الهه يار پهچي، احمد خان ’مسڪين‘ سمون سان گڏجي،  ميرپورخاص روڊ تي سلطان آباد کان مسڻ واري روڊ سان، ڳوٺ حاجي محمد عمر هڪڙو ۾، يونين ڪائونسل سلطان آباد جي چيئرمين ’عاصي‘ عبدالواحد هڪڙو سان وڃي ملياسين. ڇو ته  مسڻ ۾ اسان جي حدف وارو باغ گهمڻ لاءِ رهنمائي ان کي ڪرڻي هئي.

’عاصي‘ عبدالواحد هڪڙو سان اڳ ۾ منهنجي ملاقات نه هئي، نه ئي سندس بابت ڪا ڄاڻ هئي! ملياسين ته ڏندين آڱريون اچي ويون! عاصي لکيل پڙهيل، لکندڙ پڙهندڙ، قديم آثارن ۾ دلچسپي رکندڙ، سندس ڳوٺ جو سکر ۽ وڏو آهي. هن سان ڪچهري ڪندي خبر پئي ۽ پوءِ اسان کي هن سندس ئي قائم ڪيل ”واحد لائبرري“ به گهمائي، جنهن ۾ سوين ڪتاب ۽ ڪجهه نوادرات به موجود آهن. لطيف سرڪار جي ٽوپي به وٽس آهي، ته مختلف دورن ۾ استعمال ٿيل ڪجهه سڪا به آهن، ته پراڻي زماني جي ڳهن جا ڪجهه نمونا به آهن. لائبرري ۾ سنڀاليل سوين ڪتابن مان ڪجهه شاگرد مدد وٺي ايم اي ۽ ايم فل به ڪري چڪا آهن. مختلف محقق اديب وٽس ايندا ويندا رهن ٿا. هو لوڪ ڏاهپ ۾ به دلچسپي وٺي ٿو، ان ڪري پاڻ وٽ لوڪ ڪچهريون ۽ ادبي ميڙاڪا به منعقد ڪرائيندو رهندو آهي. وڌيڪ تفصيل ڪنهن ٻيءَ تحرير ۾ ڏبا.

هاڻي اسان چار ڄڻا مسڻ روانا ٿياسين، جتي رٽائرڊ استاد سائين شير محمد ولد محمد حسن لغاري سان وڃي ملياسين. جنهن اسان کي سندس هٿن سان لڳايل اهو باغ گهمايو، جنهن ۾ هن وقت انب جي هڪ ئي وڻ ۾ انب جي مختلف جنسن جا قلم لڳل هئڻ ڪري، مختلف قد بت جون انبڙيون به موجود هيون. سندس باغ ۾ ٻير، پپيتو، نارنگي (هن ۾ به ميوو هو)، ڏاڙهون، آڙو، زيتون، فلٽر (ليمي ۽ نارنگي جهڙي رسدار ميوي جي هڪ جنس)، کجي، انگور، ليمون ۽ توت جا وڻ به آهن.

رٽائرڊ استاد سائين شير محمد لغاري جو باغ گهمي، اتان اسان ڳوٺ غلام علي لغاري وياسين، جتي قربائتو شخص اصغر لغاري رهائش پذير آهي. ساڻس منهنجو گذريل 30، 35 سالن کان رابطو، واسطو آهي. ’عاصي‘ هڪڙو سان اسڪول ۾ گڏ پڙهندو هو، سندس ننڍپڻ جو هم ڪلاسي رهيو آهي. ان سان ملڻ ٿيو ته ملڻ وارا وڌندا ويا، ڪچهري زور وٺندي وئي. ڳجهارتون ڏنيون ۽ سر ڪيون ويون، هنر، ڏور، بيت جو به مزو ماڻيو، ته ٻولي، تعليم ۽ ادب جي حوالي سان پڻ يادگار رنگ ۽ رس ڀري ڪچهري ٿي. ان دوران ئي اصغر اسان جي ملاقات سندس عزيز ۽ ڳوٺائي رئيس غلام قادر لغاري سان ڪرائي، ته هڪ دفعو وري به ڏندين آڱريون اچي ويون! ڇو ته رئيس پنهنجي گهر جي باغيچي ۾ انب، ڄمون، انجير، توت، ٻير، زيتون، چڪو، لچي، نارنگي، گريپ فروٽ، ناسپاتي، ڪيلو، مالٽو، ليمون، ڪٺل، ترنج، ڏاڙهون، کجي ۽ ناريل جا وڻ لڳايا آهن. سندس چوڻ موجب، انهن مان جن جن به ميوو ڏيڻ شروع ڪيو آهي، انهن جا ڪجهه ڪجهه ٻوٽا، هن پنهنجي زمين ۾، هڪ الڳ نمائشي باغ ۾ لڳائڻ شروع ڪيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪو به ميوو، ميوو ڏئي سگهي ٿو، کيس ٻڌايو، ته هو ان جا وڻ به لڳائي.

گهڻا سال اڳي سنڌ ۾ سمبل (ساڳوان، ساڳ) جو وڻ عام جام ٿيندو هو، پر پوءِ آهستي آهستي ان جو نسل ئي ختم ٿي ويو. اسان ڳوٺ غلام علي لغاري جي مسجد ۽ رئيس غلام قادر لغاري جي اوطاق ۾، سدا سهڻا، ساوا چهچ سمبل جا ٻه خوبصورت وڻ به ڏٺا. هن وڻ جو ڪاٺ انتهائي ڪارائتو هجڻ ڪري، ٻين سمورن ڪاٺن کان مهانگو آهي. هي وڻ ڏسي، اهي وڻ وڌيڪ پوکي، ڪاٺ جون گهرجون به پوريون ڪري سگهجن ٿيون ته ناڻو به ڪمائي سگهجي ٿو ۽ وڻ کٽڻ واري کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ به هٿي ملندي، ته موسمي تبديلي جي خطرناڪ اثرن کان بچاءُ ۾ پڻ مدد ملندي.

بهرحال، باغباني، ميون جي پوک ۽ پالنا، هڪ ڪِرت به آهي، ڪاروبار به آهي، ته شوق به آهي. اهڙو مثبت شوق، مطالعي ۽ مشاهدي وسيلي مثبت ۽ مفيد نتيجا ڏيندو، نئين نسل جي سکيا ڪندو، دڳ ڏسيندو رهندو. ان ڪري اهڙي شوق مان وڌ ۾ وڌ پرائڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے