24 بدھ , اکتوبر 2018

ثقافتي رنگن جهڙي شازيه خشڪ:وزير فرهاد سولنگي

سنڌي موسيقيءَ جي منفرد گائيڪي جو انداز رکندڙ خوبصورت گلوڪاره شازيه خشڪ جو تعلق هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان آهي هن 16 سيپٽمبر 1970ع ڌاري پروفيسر فاروق احمد مرزا جي گهر ۾ جنم ورتو سندس والد صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هيو. شازيه خشڪ شروعاتي تعليم به اتي ئي پرائي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اردو ادب ۾ ڪيائين.

سنڌ جي هيءَ پڙهي لکي فنڪاره سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر پنهنجي آواز ۽ ثقافتي لباس سبب تمام سٺو نالو ڪمايو شازيه خشڪ 1986ع ۾ جڏهن هوءَ 16 سالن جي هئي ته سنڌ يونيورسٽي جي علم سياست جي پروفيسر محمد ابراهيم خشڪ سان شادي ڪئي شازيه خشڪ  مرزا مان شازيه خشڪ مڃي وئي. کيس فن موسيقي جو شوق ننڍپڻ کان هوندو هيو پر بحيثيت گلوڪاره جي هن پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران منقعد ڪيل بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس ۾ ابراهيم منشي جو ڪلام ڳايو ته

سهڻي کائي پئي سور ورو وانجهو،

ساوڻ سير درياهه جي

ان کان پوءِ 1992ع ڌاري پروفيسر ابراهيم خشڪ سان پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر تي سميع بلوچ جي ادبي پروگرام ۾ پاڻ مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي جڏهن شازيه خشڪ هن سان گڏ ڪراچي ٽي وي سينٽر گهمڻ آئي هئي ته انهي دوران هن کي پروفيسر ابراهيم خشڪ سينئر پروڊيوسر سلطانه صديقي سان ملايو جيڪا ان وقت ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ڊراما ماروي سيريل جي تياري ڪري رهي هئي، اهڙي طرح سلطانه صديقيءَ کيس ماروي ڊرامي ۾ اداڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي جنهن تي شازيه خشڪ چيو ته مونکي اداڪاري سان دلچسپي ناهي بلڪه مون کي ڳائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس سلطانه صديقيءَ ڳائڻ لاءِ گهرايو ۽ هن کان هڪ ٿري لوڪ گيت

مارا اڏ تا پکيئڙا ڪڏهين آئو نه ماري ديس  ڳارايو.

شازيه جي انهيءَ ڳايل گيت کي ڏسندڙن طرفان تمام سُٺي موٽ ملي جنهن کان پوءِ هن لاکيڻي لطيف جي عرس تي محفل موسيقي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي به هن کي تمام بهتر موٽ ملي ان کان پوءِ شازيه خشڪ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سرڪار طرفان ڪيل ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳي.

شازيه خشڪ کي ريڊيو پاڪستان تان به ڳائڻ جو موقعو مليو هن کي 1992ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو شازيه خشڪ جي مادري زبان ڪشميري آهي پر هن ملڪ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ گيت ڳايا آهن جن ۾ سنڌي سرائڪي، ٿري، اردو، بلوچي براهوي، گجراتي، پنجابي، ڍاٽڪي، گوجري، ميمڻي، پهاڙي، ڪشميري ۽ انگريزي اچي وڃن ٿيون.

شازيه خشڪ فن موسيقي جي باقائدي تربيت ڪنهن استاد کان نه ورتي آهي پر سندس شوق ۽ لڳاتار محنت جي نتيجي ۾ هن اهو مقام حاصل ڪيو آهي تنهن هوندي به هن سنڌي موسيقارن کان ڪجهه پرايو جن ۾ استاد فتح علي خان حيدرآباد وارو استاد نياز حسين، ۽ موسيقار رجب علي رضا مرحوم شامل آهن هن پاڪستان ٽيليوزن جي سڀني سينٽرن تان پروگرام ڪيا آهن جن ۾ اسلام آباد سينٽر تي خواجه نجم الحسن، ڪوئيٽا سينٽر تان آصف قاضي، لاهور سينٽر تان فرخ بشير ۽ منيزه هاشمي هن کان ڪلام رڪارڊ ڪرايا آهن.

شازيه خشڪ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي ثقافت جا رنگ نروار ڪيا آهن جن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، جاپان، عرب امارات، هائلينڊ، برطانيه، مالديپ، ٿائلينڊ، ترڪمانستان، ازبڪستان، سريلنڪا ۽ قطر وغيره اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه هن ملڪ جي نجي ٽيليويزن چينلن تي پڻ ڪم ڪيو آهي سندس آواز ۾ ڳايل بلوچي گيت دانا به دانا ۽ کي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي.

شازيه خشڪ کي فني مڃتا طور ڪيترائي ايوارد مليا آهن جنهن ۾ آرٽيسٽ آف دي ورلڊ ايوارڊ ، يونيڪ پرفارمنس ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا لا تعداد انعام ماڻيا آهن. شازيه خشڪ کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان 1998ع ۾ موسيقي ۾ فيلو شپ جي ڊگري ملي جيڪا ملڪ جي ڳائڻن ۾ هن کي پهريون اعزاز حاصل آهي. شازيه خشڪ هن وقت تائين ڳائڻ کان علاوه پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙي آئڊيو لائبريري پڻ ٺاهي آهي جنهن ۾ هن دنيا جي مختلف راڳين جون سيڊيون ۽ آڊيو ڪيسٽون محفوظ ڪيون آهن. جيڪي هوءَ واندڪائي ۾ ٻڌندي آهي هن وقت تائين سندس پنج وڊيو ڪيسٽون پنج سيڊيون ۽ ٻارنهن آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن پاڻ ڪتابن پڙهڻ جو شوق پڻ رکي ٿي ۽ فن موسيقي تي لکيل ڪتابن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندي آهي اڄ سندس 48 هين سالگره ملهائي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے