23 منگل , اکتوبر 2018

نهايت تخليقي ڪهاڻيڪار محمود مغل جو ڪهاڻي ڪتاب محبتن جو شهر ٻُڙي ميلَ:رکيل مورائي

سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخي اوسر ڏانهڻ وڃڻ بيسود آهي هن وقت! ايترو چوڻ گهڻو آهي ته سنڌي ڪهاڻي جڏهن پنهنجو سفر ڪري، زرعي سماج کان صنعتي سماج ڏانهن وک وڌائي هئي، ان موڙ تي جن سندس آجيان ڪئي هئي انهن جي ٻئي ليکڪ نسل مان جيڪو نالو اڳين نالن ۾ اچي ٿو اهو محمود مغل آهي. ڊاڪٽر محمود مغل پوءِ!

پڪ سان هو ڊاڪٽر نه هجي ها تڏهن به سنڌي ادب کي اهم ڪهاڻيون ڏئي ها، تخليقي ناول ڏئي ها، ترجمان ڏئي ها ۽ نئون ناٽڪ ڏئي ها! ڪالم سندس ادب کان اهم نه، ادب کان پوءِ ٿا اچن جيڪي هاڻ ڪهاڻيءَ سان گڏجي پيا آهن ۽ نئون نالو اختيار ڪيو اٿائون ” ڪالم ڪهاڻي“.

ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾!

ڪهاڻيءَ جو پنهنجو دائرو آهي ۽ ڪالم جي پنهنجي موضوعاتي محدودگي. ها!  ادب ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب کي نوان تجربا نوان موڙ ڏيندا آهن ۽ ائين ادب اڳتي وڌندو آهي، فلحال انهن ۾ عالمي ادبي ڌارائون پوءِ اينديون ۽ پرکيون وينديون آهن، اول اُهي شخص جو پنهنجو نجي حصو هونديون آهن ۽ محمود مغل اسان جي دوست ادب جي ڪيترين شاخن/صنفن ۾ گهڻو گهڻو نئون ڏنو آهي. اهو سچ آهي.

قبولڻ/ نه قبول هر شخص جو نجي معاملو آهي ۽ بحث کان ٻاهر آهي. ائين هو ” سنڌي ٽاڪيز“ سهيڙي هڪ محقق جو مرتبو به ماڻي چڪو آهي، هُو ڊاڪٽر ته آهي ئي!

گهڻو لکڻ ۽ سٺو لکڻ ٻه الڳ موضوع آهن، جڏهن ٻئي موضوع هڪ هنڌ گڏجندا ته محمود مغل جي صورت اختيار ڪندا، ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو نئين صديءَ جو اڀياس پاڻ ثابت ڪندو اسان پاران چوڻ شايد پاسخاطري بڻجي. يا هوائي فائر!

سنڌي ڪهاڻيءَ کي اڄ تائين رومانوي ڌارا مان نڪرڻ لاءِ هاڻ شايد گهڻو وقت نه لڳي پر ان جو اڀياس اهو ضرور ٻڌائي ٿو ته وقت کان اڳ جن نوجوانن ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه به نئون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي محمود مغل انهن مان آهي. هن جنهن به صنف ۾ لکيو نئون محسوس ٿيو ۽ مٿس جيڪو ڪجهه لکيو ويو اهو بنهه ائين محسوس نه ٿيون.

ڪيئن به محمود مغل سنڌي ڪهاڻيءَ کي پنهنجو چهرو ڏنو آهي، اها سندس تخليقي حاصلات آهي. سندس تازو ئي ڪهاڻين جو هڪ گڏيل مجموعو آيو آهي، جيڪو پاڻ سان مٿين ڳالهين جون ڪجهه چٽيون/اڻ چٽيون ثابتيون کڻي آيو آهي، جنهن ڪهاڻي ڪتاب جو نالو آهي ”محبتن جو شهر- ٻڙي ميل“. ڪتاب جو نالو مروج سڀ کان الڳ/نئون محسوس ٿئي ته پڪ سان پڙهندڙ لاءِ ڪتاب ۾ گهڻو ڪجهه نئون هوندو.

محمود مغل ڪهاڻيءَ ۾ هر ممڪن حد تائين پنهنجو لهجو، اظهار، ٻولي ۽ ماحول کڻي آيو ۽ اهم ڳالهه ته ان سڀ کي فقط محسوس ڪرائي لکڻ کان پاسيرو نه ٿي ويو پر اڄ تائين هو مسلسل لکندو رهي ٿو. اها ڪنهن به تخليقي ليکڪ جي قوتن جي ثابتي آهي. ائين محمود مغل نه فقط گهڻو لکيو آهي پر سٺو به لکيو آهي. جيڪو اعزاز کيس ملڻ ئي گهرجي، لکڻ لاءِ لکڻ اهم نه آهي.

”محبتن جو شهر-ٻڙي ميل“ محمود مغل جو مان ڀايان ته ”عيوضي“ ڪهاڻي مجموعو آهي. جنهن کي هو پاڻ ڪليات ڪوٺي ٿو ۽ جنهن ۾ ستٽيهه ڪهاڻيون آهن، کيس بابت جيڪو مهاڳ/امهاڳ/تاثر/ حوالي لاءِ ڪجهه لکيل آهي اهو الڳ آهي، جنهن سان پڙهندڙ جو سهمت/اسهمت هجڻ ان جو پنهنجو مسئلو آهي. پر اِهو سچ آهي ته نئين صديءَ ۾ آيل سنڌي ڪهاڻيءَ جي اڀياس ۾ هيءُ ڪتاب محمود  مغل جي ڪهاڻيءَ کي کڻي گهڻو ڪجهه لکرائيندو، جڏهن به سنڌي ڪهاڻيءَ بابت ڪو به سنجيده اڀياس لکيو ويندو؟ محمود مغل ڪهاڻيءَ کي هڪ پنهنجو چهرو ڏيئي، ان جي ڪجهه ڪجهه الڳ سڃاڻپ ڏني آهي. ان کي ”مارڪِ“ ڪيو وڃي!

لس ليٽ ۾ عظيم/شاندار/شاهڪار ۽ غير معمولي ڪهاڻي اسان جي آڏو وقت جو نقادُ ڳولي سامهون آڻي رکندو تڪڙ ئي ڪهڙي آهي! ۽ يقين سان منهنجو پنهنجو چوڻ اِهو آهي ته پياري محمود مغل ڪڏهن به، ڪجهه به لکڻ وقت تڪڙ ۾ ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ نه لکيو آهي، هو بنيادي طور آرٽيسٽ آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.

” محبتن جو شهر ٻڙي ميل“ ۾ سندس ڪهاڻيون اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ کي گهڻو اڳتي وٺي اينديون اهڙي اميد ته اوس آهي، رسمي مهاڳ/امهاڳ کان آجي هن ڪتاب ۾ ٽي سئو ويهه صفحا آهن. پڪي جلد ۽ وڻندڙ تخليقي ٽائيٽل واري هن ڪتاب کي ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ ان جو مُلهه بنهه مناسب ٽي سئو رپيا آهي. واڌو هيءُ ڪتاب سانڍڻ جهڙو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے