21 اتوار , اکتوبر 2018

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن ۾ ملڪ آگاڻي ۽ ڪيهر شوڪت سنڌي ادب جا اهم نالا ۽ حوالا رهيا آهن. زيتونن جي باغن ۽ ڀاڄين جي حوالي سان مشهوري ماڻيندڙ آگاڻي ڳوٺ جنهن ڳوٺ ۾ علم ادب، سياست جون ڪچهريون انتهائي مشهور رهيون آهن.

سنڌ ۾ هڪ چوڻي آهي ته ” پڪي گهڙي کي ڪنا نه پوندا آهن.“ پر منور علي منور ڪيهر ان چوڻيءَ کي چئلينج ڪيو بقول سندس ته 68 سالن جي عمر ۾ شاعري سرجڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيم.  ۽ اهڙي طرح منور علي منور ڪيهر ادب جي دنيا ۾ وک وڌائي ڄاڻايل چوڻيءَ کي ڄڻ ته پٺي ڏئي ”پڪي گهڙي ڪَنا وجهڻ جو ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.“ هونئن ڪنهن به ريت ادب يا آرٽ جي ڪابه تخليق ڪرڻ لاءِ عمر جو گهٽ يا گهڻو هجڻ ڪابه معنيٰ نٿو رکي. اهو ڪنهن به تخليقڪار جي اندر جي اُڇل تي دارومدار رکي ٿو ته هو ڪڏهن ٿو. قلم، برش، تيشي کڻي ڪا شاعري، ڪائي تصوير، ڪوئي مجسمو گهڙي پنهنجي ڪلا جو اظهار ڪري.

جنهن انسان زندگيءَ جو ڊگهو عرصو ادب/آرٽ دنيا جو مشاهدو ماڻيو هجي، ادب /آرٽ جو گهرو مطالعو ڪيو هجي  ۽ زندگيءَ جي سفر ۾ انيڪ تجربا حاصل ڪيا هجن اهو انسان آرٽ جي ڪنهن به فيلڊ ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ جو خوب مظاهرو ڪري سگهي ٿو. شاعري، موسيقي، نرتِ ڪلا، مصوري،سنگ تراشي ڪنهن به آرٽسٽ جي اندر ۾ پلجندڙ تصور جي هڪ جهلڪ هوندي آهي جيڪا ورهين کان ڪنهن تخليق ڪار جي لاشعور ۾ پئي سرجندي آهي ۽ اندر جي اڇل سان ٻاهر نڪري نروار ٿيندي آهي. اهڙي طرح منورعلي منور ڪيهر جي اندر ۾ شاعري  ورهين کان سرجندي رهي آهي جيڪا ڪنهن خاص موقعي تي جي تلاش ۾ هئي. اهڙي نموني مختلف مرحلن مان گذرندي، منور علي منور ڪيهر ادب ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۽ صاحب ڪتاب جي صورت ۾ پنهنجي داخلا ڪرائي چڪو آهي. ڪنهن به شاعر جو ڪلام پنهنجي قوم، ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي اهم ميراث ٿئي ٿي ۽ ان ميراث گڏ ڪرڻ ۾ منور علي منور ڪيهر جي هن تخليقي  پورهئي کي ڏسي پڪ ٿئي ٿي ته دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو ۽ ناممڪن ناهي رهيو. جيڪڏهن ڪير ان طرح پڪو پهه ڪري وک وڌائي ٿو. هن ڪتاب ۾ منور علي منور ڪيهر جي ادبي پنڌ، اکين جي اوجاڳن ۽ اندر جي لوڇ جو وڏو عمل دخل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ  جو هڪ تخليقڪار پنهنجي تخليق سرجڻ تائين الاهي پيڙائن مان گذري ٿو. منور علي منور ڪيهر جو هي ڪتاب جنهن ۾ 100 غزل ڏنا ويا آهن. جنهن ۾ سماج ۾ ٿيندڙ سمورين ڪمين ڪوتاهين، پيار پريت، چڱاين ۽ مٺاين جو ذڪر ملي ٿو. وڇوڙن، انتظارن، ميل ۽ ميلاپ جي منظر سان جنم وٺندڙ انساني ڪيفيتن جو ڀرپور اظهار ملي ٿو، منور علي منور ڪيهر جا هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل غزل پنهنجي موضوعاتي حوالي فن ۽ فڪر سان نهايت ئي نرالپ سان سامهون آيا آهن. جن مان جڏهن به ڪنهن کي چونڊ ڪرڻي پئي ته کوڙ سارا غزل اهڙا نڪري ايندا جن کي نئون لهجو چئي سگهجي ٿو، ڊگهي شاعراڻي رياضت کانپوءِ سرجيل هي غزل سچ پچ ته منور علي منور ڪيهر جي ادب سان خاص ڪري شاعريءَ سان دلي لڳاوَ جو نتيجو آهن، هن ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ مان رجب آگاڻيءَ جي وڇوڙي جو درد شدت سان اُڀري اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو رجب علي آگاڻي منور علي منور ڪيهر جو نهايت ئي ويجهو گهاٽو ۽ اڻ وسرندڙ دوست هيو. جنهن کي هن گهڻو ياد ڪيو آهي.

منور علي منور ڪيهر عوامي ٻوليءَ ۾ اظهار جو پختون شاعر آهي جيڪو پنهنجي شاعريءَ ۾ مقامي ڪلچر ۽ روايتن کي به ساڻ کڻي هلي ٿو ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾ انهن سمورن ڪردارن کي پنهنجي شاعريءَ جي انيڪ سٽن ۾ اظهاري کين محفوظ ڪري ٿو. اها ئي هن ڪتاب جي خوبي آهي. بنا مهاڳ جي لکيل هي ڪتاب، مهاڳ نه لکجڻ جي سموري ڪٿا به بيان ڪري ٿو. اڄ ڪلهه اديبن کي وقت ڪٿي آهي جو ڪنهن جو ڪتاب پڙهن ۽ وري ان تي مهاڳ لکن. هاڻ ته صرف فليپ ۽ بيڪ ٽائيٽل جو دور/زمانو آهي. اها به وڏي ڳالهه آهي جيڪڏهن هو پنهنجي وسيع مشاهدي ۽ مطالعي مان ڪجهه ونڊ ڪري ۽ پنهنجي علم جي ڪا سخاوت ڪري. اهو زمانو ڪو ٻيو هئو، جڏهن ادب کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ادارا ڪم ڪندا هئا ۽اسانجا سينيئر اديب وري ڪنهن اداري جهڙي حيثيت رکندا هئا ۽ نئين اديب کي اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائيندا هئا ۽ کين پنهنجي علم ۽ ڏاهپ مان ونڊ ڪرائي کين پنهنجي پيرن تي بيهڻ لائق ڪندا هئا. منور علي منور ڪيهر پنهنجي هن ڪتاب ۾ پنهنجي زندگيءَ جي تلخ سفر جو پيرائتو بيان ڪري پنهجي اندر ۾ پلجندڙ درد کي گهٽايو آهي. اها سندس بهتر سوچ جو هڪ اعليٰ مثال آهي جو هن شاعراڻي تخليقي پنڌ کي مڪمل ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب کي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب تخليق ڪري ڏنو آهي. 128 صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب کي مرڪ پبلڪيشن ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آهي، رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے