18 اتوار , نومبر 2018

موقعا نه ملڻ سبب ٽئلينٽ زيان ٿي رهيو آهي: سارا رضا خان

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري ڳائڻي سارا رضا خان چيو آهي ته موسيقي جي شعبي ۾ پاڪستان جون بي مثال ڪاميابيون ڪنهن کان لڪل ناهن پر جيڪڏهن پاڪستاني فلمن کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچڻو آهي ته موسيقي جي شعبي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ سارا رضا خان جو چوڻ هو ته جهڙي ريت پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ نوجوان ڳائڻن کي وڌ کان وڌ موقعا ملي رهيا آهن، جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ به باصلاحيتن نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي ته ان جا نتيجا سٺي بزنس جي صورت ۾ سامهون ايندا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڀارتي فلمن جي ميوزڪ راڄ ڪري رهي آهي، اتي ماضي جا عظيم ڳائڻا ئي نه پر اڄ جي دور جا نوجوان ڳائڻا به سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙا ئي تجربا اسان وٽ به ٿيڻ گهرجن. سارا رضا خان چيو ته پاڪستان ۾ موسيقي جو شعبو زبردست آهي، رڳو ان کي سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن جو وڏو انگ موسيقي سان چاهه رکي ٿو پر بهتر موقعا نه ملڻ سبب ٽئلينٽ ضايع ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري اسان سڀني کي گڏجي ان شعبي جي بقا لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے