16 جمعہ , نومبر 2018

ايپل آءِ فون جا 3 نوان ماڊل متعارف ڪرائي ڇڏيا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ايپل آءِ فون جا ٽي نوان ماڊل متعارف ڪرايا آهن، جن ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏي اسڪرين واري مهانگي ترين آءِ فون به شامل آهي. ايپل نون ماڊلز کي آءِ فون ايڪس ايس، ايڪس ايس ميڪس ۽ ايڪس آر جا نالا ڏنا آهن، ان سان گڏوگڏ ڪمپني جديد ترين ايپل واچ پڻ متعارف ڪرائي آهي، جيڪا توهان جي دل جي مرضن جو پتو به لڳائي سگهي ٿي. اهي ٽئي ماڊل هن وقت تائين سمورن آءِ فونز مان سڀ کان مهانگا آهن، جن ۾ نوان ۽ جديد ترين فيچر شامل آهن، جڏهن ته ٻن ماڊلز ايڪس ايس ۽ ايڪس ايس ميڪس ۾ سڀ کان وڏي اسٽوريج فراهم ڪئي وئي آهي. ايڪس ايس ۽ ايڪس ايس ميڪس گذريل سال متعارف ڪرايل ايڪس سيريز جو تسلسل آهن، جنهن ۾ چهري جي سڃاڻپ ڪندڙ ٽيڪنالاجي شامل آهي. نين فونز ۾ جديد ترين تيز رفتار پراسيسر، وڏي اسڪرين ۽ وڌيڪ پڪسلز واريون ڪئميرائون شامل آهن.

ايڪس ايس

ايڪس ايس جي اسڪرين 5.8 انچ آهي، جنهن جي قيمت 999 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، ان جي ريم 4 جي بي آهي ۽ اها 64 گيگا بائيٽ کان وٺي 512 جي بي اسٽوريج ۾ دستياب آهي.

ايڪس ايس ميڪس

ايڪس ايس ميڪس آءِ فون جي سڀ کان وڏي ۽ مهانگي موبائل آهي، جنهن جي اسڪرين ساڍا 6 انچ آهي ۽ قيمت هڪ هزار 99 ڊالرن کان شروع ٿئي ٿي، ان جي ريم به 4 جي بي آهي ۽ اها 64 کان وٺي 512 جي بي اسٽوريج ۾ دستياب آهي.

ايڪس آر

ايڪس آر متعارف ڪرايل سمورن ماڊلز مان سستي آهي، جنهن جي اسڪرين 6.1 انچ آهي ۽ اها اليمونيم سان ٺهيل آهي. ان جي قيمت 749 ڊالر آهي، جڏهن ته ريم 3 جي بي ۽ اها 64 کان وٺي 256 جي بي اسٽوريج ۾ دستياب آهي. ايڪس آر کي نون ۽ منفرد رنگن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڦِڪو (پيلو) ۽ ڪورل (مرجان) شامل آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

روشني سان دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ جي تياري

سڊني(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ تيار ڪرڻ جي ڪششن  ۾ آسٽريليا جي تحقيق به …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے