20 منگل , نومبر 2018

نيوز |هاڻي پاڪستان ۾ شاعري سٺي لکي پئي وڃي پر ناول يا افسانه خاص نٿا لکيا وڃن: پروفيسر عامر حسين

برطانيا ۾ رهندڙ اردو ۽ انگريزي ادب جي نامياري ليکڪ ۽ ناول نگار پروفيسر عامر حسين چيو آهي ته هاڻي پاڪستان ۾ شاعري سٺي لکي پئي وڃي، پر ناول يا افسانه اهڙا خاص نٿا لکيا وڃن.

حيدرآباد جي خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ سندس مان ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي عامر حسين چيو ته ضياءَ جي دور ۾ مارشلا  تي برطانيا ۾ رهندي هن هڪ ڪهاڻي لکي، ان وقت پاڪستان اچڻ جو شوق آمريت سبب پيدا نه ٿيو.

هن چيو ته سندس ڪهاڻين ۾ پاڪستانين، ڀارٿين، ايرانين ۽ انڊونيشين سميت انگريزن جي مسئلن جو ذڪر آهي.

سندس چوڻ هو ته هن جنگين خلاف گهڻو ڪجهه لکيو آهي، سندس ڪهاڻيون معمولي ماڻهن لاءِ هونديون آهن، هو پاڻ کي نقاد نه پر قاري سمجهندو آهي.

عامر حسين چيو ته اردو ۾ 6 افسانه لکيا،  هو برطانيه ۾ رهڻ سبب اردو تي گهٽ ڪم ڪري سگهيو آهي، سندس ڪهاڻي ۾ پوئتي جي ياد نه پر اڳتي جي خواهش هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻاهر رهڻ سبب پنهنجي ملڪ سان جڙڻ وارو احساس رهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته هن يونيورسٽي ۾ سرائيڪي پڙهي ۽ لکي ويندو آهي، پر سنڌي لکي ۽ پڙهي نه سگهندو آهي. ان موقعي تي خانه بدوش رائٽرس ڪيفي پاران عامر حسين کي لونگي ۽ گلدستي جو تحفو پيش ڪيو ويو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے