18 اتوار , نومبر 2018

گم ڪيل ماڻهن ۽ ٻارن جي ڪيس ۾ پوليس رپورٽ رد، ٻڌايو ته وارثن کي ڪهڙو جواب ڏيون:سنڌ هاءِ ڪورٽ

Directorate of High Court Hyderabad Circuit Branch directed not to continue the results of the NA3ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  شهر ۾ 23 گم ٿيل  ٻارن مان صرف هڪ جي بازيابي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرائي ورتو آهي. عدالت۾ 23 گم ڪيل ٻارن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي . جنهن دوران عدالت ٻارن جي بازيابي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪاور جو اظهار ڪيو،  جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي ۽ عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو لاپتا ٻارن جي بازيابي تي سخت ڳڻتي آهي. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ٻارن جي گمشدگي باري ۾ 22 ايف آءِ آر داخل آهن. جڏهن ته ڊي آءِ جي ڪرائم برانچ عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ٽيم جوڙي هئي  جنهن هڪ ٻار کي بازياب ڪرايو آهي. ڊي آءِ جي جي بيان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 23 مان صرف هڪ ٻار کي بازياب ڪرايو ويو آهي. پوليس جي جاچ  تمام گهڻي سست آهي، پوليس اختيارين گم ٿيل ٻارن جي بازيابي کي جلد کان جلد يقيني بڻايو، عدالت آءِ جي سنڌ جي جوڙيل ٽيم تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي جي سربراهي ۾ نئين ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اي وي سي سي ( سي سي آءِ) جي ڪارڪردگي تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي بازيابي تائين ڊي آءِ جي کي هر ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.  عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام پاڻ پيش ٿي وضاحت ڪري. ٻارن جي بازيابي لاءِ پوليس کي جديد ٽيڪنيڪس استعمال ڪرڻ ۽ ٻارن کي بازياب ڪرائي 3 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.هوڏانهن جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ 25 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي دوران عدالت چيو ته اوهان ڪهڙي ماڻهن کي آزاد ڪرايو آهي .عدالت پوليس آفيسرن کي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا گهروارا هر ٻڌڻي تي اسان جي آڏو فرياد ڪندا آهن، آخر اسان هنن کي ڪهڙو جواب ڏيون. اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو .درخواست گذار جو چوڻ آهي ته شمشاد علي 2014ع کان گم ٿيل آهي 7دفعو جي آءِ ٽي ٺاهي وئي آهي پر بازياب نه ٿيو .ٻين گم ٿيل جي گهروارن چيو ته اسان جا عزيز سالن کان گم آهن .اسان کي ٻڌايو وڃي ته هو زنده آهي يا وري مري ويا آهن. شيخ محمد ڪليم جي والده جو چوڻ آهي ته هن جو پٽ 2016ع کان گم آهي مان هڪ بيمار عورت آهي منهنجو پٽ منهنجو سهارو هو .عدالت پوليس آفيسرن کي چيو اوهان هنن کي جواب ڏيو. جسٽس نعمت الله چيو ته ماڻهو عدالتن کان مايوس ٿيندا آهن مون کي ڇا لڳندو آهي اوهان کي اندازو نه آهي .پوليس آفيسرن جو عدالت ۾ چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.0330

بلوچستان ۾ 3 سالن کان گم 7 ڄڻا پوليس حوالي، هڪ آزاد

گوادر (م ڊ) بلوچستان جي علائقي پنجگور ۽ گوادر سان تعلق رکندڙ 8 ماڻهو واپس اچي ويا آهن. جيڪي 3 سالن تائين گم هئا. 7 ماڻهن کي پنگجور ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ شخص 3 سالن کانپوءِ واپس پهچي ويو آهي. پوليس موجب 7 ماڻهن تي معمولي نوعيت جا ڪيس آهن. جن کي ختم ڪري جلد آزاد ڪيو ويندو. واضح رهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي صدر اختر مينگل وزيراعظم ۽ صدر جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت لاءِ معاهدو ڪيو هو. ٻنهي پارٽين جي معاهدي جي سڀ کان اهم ڳالهه گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي هو. 029

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے